186

رقم جي ورهاست وارو معاملو: وفاقي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ مهم دوران وفاقي وزير علي امين گنڊاپور طرفان رقم جي ورهاست جي معاملي تي آر او جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر آزاد ڪشمير ان حوالي سان ريٽرننگ آفيسر جي رپورٽ کي رد ڪندي علي امين گنڊاپور جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، وفاقي وزير امين گنڊاپور جي رقم ورهائڻ جي وڊيو واري معاملي تي آزاد ڪشمير جي  چيف اليڪشن ڪمشنر وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو هو. خط ۾ چيو ويو هو ته وفاقي وزير کي اليڪشن ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ 2021 جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي ۽ صوبائي وزيرن کي به اليڪشن ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي پابندي جي هدايت ڪئي وڃي،  واضح رهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊ مهم ۾ جلسي دوران علي امين گنڊاپور جي وڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ هو پئسا ورهائي رهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو