109

پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ بوسنيا سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو: صدر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ بوسنيا جي لاڳاپن جي اهمي کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ بوسنيا سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، ٻنهي ملن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ معيشت، واپار، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. هو بسونيا ۽ هرزيگووينا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) اختر جميل رائو سان ڳالهائي رهيو هو جنهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان بوسنيا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ معيشت، واپار، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ گڏيل لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، نامزد سفير بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان موجوده معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري. صدر نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته هو پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي جي لاءِ پڻ ڪم ڪري، اميد آهي ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ مهارت ۽ لگن سان ڪم ڪندو. صدر عارف علوي نامزد سفير کي بوسنيا ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو