136

ڪشمير جي حوالي سان غداري جي فتويٰ نه لڳائي وڃي: علي محمد خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته ڪشمير جي حوالي سان غداري جي فتويٰ نه لڳائي وڃي، ڪو مائي جو مال ڪشمير جو هڪ انچ به نه وڪڻي سگهي، آزاد ڪشمير جي ماڻهن جو هق آهي ته انهن کي انصاف تي ٻڌل حڪومت ڏني وڃي، اسان وٽ ان حوالي سان ويزن موجود آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪشمير ۾ حڪومت ٺهي ته اسان انهن کي تعليم ۽ صحت جي سهولتن سان گڏوگڏ رستن جو انفراسٽرڪچر ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ هو مسلم ليگ (ن) جي ميمبر انجنيئر خرم دستگير جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏئي رهيو هو. ان کان اڳ انجنيئر خرم دستگير چيو ته 13 جولاءِ ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو آهي ان ڏينهن ڪشميرين پنهنجي حق جي لاءِ آواز اٿاريو ۽ انهن کي شهيد ڪيو ويو. هڪ لک ڪشميرين شهادت ماڻي ۽ هزارين ڪشميري عورتن جي لڄ لٽي وئي. والاريل ڪشمير ۾ گم ٿيل ماڻهن جون گڏيل قبرون به مليون آهن ۽ انهن جي انگ جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊون صاف شفاف ۽ منصفاڻيون ڪرائي ڀارت تي اهو باور ڪيو وڃي ته اسان پاڪستان سان گڏ رهندڙ ڪشميرين کي انهن جا پورا جمهوري حق ڏنا اهن. هن اليڪشن ذريعي 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جيڪو قدم کنيو آهي ان تي به غلط هجڻ جو ٺپو لڳي وڃي. هن چيو ته 25 جولاءِ تي آزاد ڪشمير ۾ صاف شفاف ۽ مداخلت کان پاڪ چونڊون منعقد ڪري سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو وڃي. ان جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته ڪشمير جي اليڪشن اسان سڀني جي لاءِ اهم آهي. اتي هار جيت کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اسان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته لائين آف ڪنٽرول جي هن پار جيترو ظلم ۽ ڏاڍ آهي اسان طرف ان جي مقابلي ۾ ايترو ئي انصاف ۽ جمهوريت آهي. هن چيو ته مختلف پارٽين جا سياسي ليڊرز ڪشمير وڃي رهيا آهن، اسان کي ليڪچر ڏيندڙن کي اهو سوچڻ گهرجي ته سٺي عمل جي شروعات پنهنجي گهر کان ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي ماڻهن جو حق آهي ته انهن کي انصاف تي ٻڌل حڪومت ڏني وڃي. مرڪزي حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. مناسب اهو آهي ته اسان هڪ ٻئي تي غداري جي فتويٰ نه لڳايون. ڪشمير جو هڪ انچ به ڪنهن جو پيءُ به نه ٿو ڪڻي سگهي، ڪشمير تي پاليسي رڳو هڪ آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلو حل ڪيو وڃي. مون کي فخر آهي ته عمران خان ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ واعدو ڪيو هو ته هو ڪشميرين جو وڪيل بڻجندو. عمران خان گڏيل قومن ۾ مودي جو چهرو بي نقاب ڪيو ۽ هاڻي سڄي دنيا مودي کي هٽلر چئي رهي آهي. ڪنهن تي به غداري جو الزام نه هنيو وڃي، اهو ٻڌايو ته انهن ڪشميرين جي لاءِ پنهنجي پنهنجي دورن ۾ ڇا ڏنو آهي. ڪشميرين جو مسئلو تعليم، صحت ۽ رستن جو انفراسٽرڪچر آهي. ڪشمير ۾ سياسي ۽ مالي ڪرپشن آهي. اهو ڪشميرين کي ٻڌايو ته اسان توهان کي ڪيتريون يونيورسٽيون ۽ اسپتالون ڏنيون آهن. انهن ٽٽل ڦٽل رستا ڏنا آهن. هن چيو ته اسان وٽ ڪشمير جي لاءِ پروگرام آهي، اسان جهڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ سُڌارا ڪيا آهن، ڪشمير ۾ به انهي ويزن تحت ڪم ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو