208

ريلوي ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا،ان ڪري ٽرينن جا حادثا ٿين پيا:چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان ريلوي ۾ عارضي بنيادن تي ڀرتي ملازمن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت مستقل ٿيل 80 ملازمن بابت سروس ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ملازمن جي مستقلي خلاف ريلوي جي درخواست باقائده ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ملازم 2013ع ۾ ڀرتي ٿيا، جتي ريلوي پاليسي 2012ع جي معيار تي پورا نٿا لهن، ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته ريلوي ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا،ان ڪري ٽرينن جا حادثا ٿي رهيا آهن عارضي ڀرتيون سياسي بنيادن تي ڪيون ويو،ريلوي عملدارن جي غيرپيشيواراڻي جي ڪري پاڪستان ريلوي جو اهو حال آهي، سياسي ڀرتين جي ڪري ريلوي ۾هر طرف ڳِڙٻڙ آهي،عارضي ڀرتين وارا ملازم گهرن ۾ ويهي پگهارون کڻي رهيا آهن، ريلوي هڪ حڪومتي ادارو آهي ته پوءِ ڀرتيون سياسي بنيادن تي ڇوٿيون ڪيون وڃن،80 سيڪڙو آمدني پگهارن، پينشنن ۾هلي وڃي ٿي، کاتي جو ڪو به نظام ناهي،هاڻي به هر مهيني وڏي انگ ۾تازيون ڀرتيون ڪيون وڃن ٿيون،پابندي ۾به رستو ڪڍن ٿا. عدالت ڌرين جي دليلن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن ريلوي ۾عارضي بنيادن تي ڀرتي ٿيل 80 ملازمن جي مستقبلي جو فيصلو معطل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو