119

ڪرم ايجنسي ۾سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن،ڪئپٽن سميت 2 جوان شهيد،3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڪرم ايجنسي ۾سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ڪئپٽن سميت 2 جوان شهيد،3 دهشتگرد مارجي ويا، رپورٽ موجب ڪرم ايجنسي جي زيوا علائقي ۾سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ته مقابلو ٿي پيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 25 ورهين جو ڪيپٽن باسط ۽ 22 ورهين جو جوان حضرت بلال شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، علائقي ۾وڌيڪ دهشتگردن جي موجودگي تي سرچ آپريشن ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو