164

استاد عمردراز مهر جي شخصيت تي هڪ نظر

ليکڪ: حسيب ناياب منگي 

انسان ڪيترو به وس وارو هجي ۽ ڪيڏي به جسماني ۽ ذهني طاقت ڇو نه رکندو هجي پر پنهنجي پالڻهار جي آڏو هيڻو، لاچار، بي وس ۽ ڪجهه به نه آهي. جنهن انسان کي رب پاڪ ذهني قوت عطا ڪري ٿو تنهن مٿان سماج ۾ بهتر ٿي رهڻ ۽ ٻين سان ڀلائي ڪرڻ جي ذميداري به عائد ٿئي ٿي. جيڪو ماڻهو معاشري ۾ رهي سماج سڌاري جهڙي فرض کي خوب نڀائي ٿو سو ئي تعريف جي لائق ٿئي ٿو. اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا تنهن جو هر فرد ڪارائتو آهي. جنهن کي به قدرت طرفان ڪا نه ڪا صلاحيت ملي آهي سو هن سماج جو اهم حصو آهي. اسان جيڪڏهن گهڻين ڳالهين مان فقط ٻن ٽن تي اڪتفا ڪريون جيئن ”معاشري ۾ رهي پنهنجو ڪردار بلند رکڻ“ ”سچ جو ساٿ ڏيڻ ۽ حق جي ڳالهه ڪرڻ“،”لالچ کي ٿڏي ثابت قدم بيهڻ ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪرڻ انسانيت جي ذمري ۾ سڀ کان پهريون شامل ٿيندڙ نيڪي آهي. مون محسوس ڪيو ته مرحوم استاد عمردراز مهر پنهنجي زندگي جي لاهن چاڙهن وارن ايامن ۾ تعليم کاتي اندر بلند ڪردار جو مالڪ ٿي رهيو، جتي لالچ ۽ رشوت جي بي روڪ ٽوڪ سرگرمي هجي ۽ غريبن جي حق کي خوشحال طبقو لٽيندو رهي اتي پنهنجو اندر سچائي سان روشن رکي حق جي ڳالهه ڪرڻ، مسڪينن جي مدد ۽ ڏکن سکن ۾ ثابت قدم بيهڻ هن مرحوم جي خاص خوبين مان هو. هو اول ته استاد هو پوءِ وڃي عمر جي آخري عرصي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، پر پوءِ به مجال آهي جو ڪنهن غير قانوني ڪم ۾ ڪنهن جي به چوڻ تي ڪو ساٿ ڏنو هجائين. جتي محسوس ڪندو هو ته وس نه هلي سگهندو ان جڳهه تي استاد عمردراز مهر نظر نه ايندو، نه پاڻ هوندو نه ئي ڪو غلط ڪم سندس هٿان ٿي سگهندو! هل ڙي شڪارپور! تنهنجي حصي ۾ ڪهڙا نه سچار ۽ وفادار ماڻهو آيا، جن پاڻ سان گڏ توکي به ناماچاري بخشي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايو، استاد عمردراز مهر پنهنجي زندگي ۾ وقت جو پابند ۽ حافظي جو تيز توڙي نيڪي جا ڪم سرانجام ڏيندڙ شخص هو  استاد جهڙي مقدس پيشي سان وابسته رهندي وقت جي پابندي جو خاص خيال رکندو هو پنهنجي پَر ۾ هجي يا ٻاهر نوڪري ڪندو هجي زماني جي لاهي چاڙهي کيس فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪيو. هو پنهنجي ارادن ۾ مضبوط ۽ قول فعل جو پڪو پختو هو ته ڪڏهن به ڪٿان لنوائڻ ۽ مجبوري جو عذر ڄاڻائي فرض ڇڏڻ سندس طبعيت ۾ ئي نه هو. ڏاتر طرفان کيس اها ڏات به مليل هئي ته يادن جا عڪس ۽ لفظ سندس ذهن تي اجرن نقشن جيان چٽجي ويندا هئا، ڪي ماضيءَ جون ڳالهيون، پراڻا ورق ۽ يادون جڏهن ساريندو هو ته ٻڌندڙن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيندو هو. سندس سامهون جن نوجوانن کان پنهنجي دور جون ڪي ڳالهيون يا خاص ڏهاڙن جون تاريخون وسري به وڃن کيس ياد هونديون هيون. ڪي ڳالهيون، واقعا ۽ خاندان جي ماڻهن جون مزارون به چٽي طرح ياد هونديون هيون. جڏهن به ڪو اچي اهڙين ڳالهين ۾ منجهي پوندو هو ته استاد عمردراز مهر اچي سڀ کي ياد پوي، نيڪي جا ڪم ڪرڻ ته هر انسان مٿان لازم ٿين ٿا پر هن شخص ننڍڙي وهيءَ کان پنهنجي والد عبدالمجيد ۽ چاچا علي محمد مهر جن، جي صحبت جو اثر به سندس طبعيت قبوليو هو، کي نيڪي ۽ ڀلائي جا ڪم ڪندي ڏٺو ته پٺتي ڪونه هٽيو، مسڪينن جي داد رسي، غريبن جي مدد ۽ يتيمن تي شفقت جو هٿ رکي علم جي روشني سان کين منور ڪرڻ سندس عادت بڻجي وئي. بي پهچ شاگردن کي خرچ ڏئي تعليم ۾ اڳڀرو ڪندڙ شخص هو. خير ۽ نيڪي جو اهو به عالم هوندو هو ته ڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ڪنهن سان ناانصافي ٿيندي هجي ۽ سندس ڪن تي پڙاڏو پوي ته هي نيڪوڪار به ماٺ ڪرڻ وارن مان نه هو. ان اداري ۾ ويندو هو ته سندس ڪو نه ڪو شاگرد اتي ويٺل نظر ايندو هو. ماڻهو جو مسئلو به حل ٿي ويندو هو ۽ پنهنجي شاگردن کي سٺي مقام تي ڏسي خوش به ٿيندو هو. ڀلا ائين ڇو نه ٿئي هن شخص به ته پنهنجي حياتي جا 42 ورهيه تعليم کاتي کي ڏنا هئا سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهي علم جي شمع کي روشن رکڻ ۾ هن شخص جيترو پاڻ پتوڙيو سو هميشه ياد رکڻ جهڙو آهي، استاد عمردراز مهر پنهنجي اعليٰ سوچ ۽ خدمت گذاري جي ڪري مشهور هو. پنهنجن وڏڙن جي نقش قدم تي هلي جنهن واٽ تي هن شخص پنهنجي زندگي جو سفر جاري رکيو هو تنهن تي سندس اولاد به اڄ تائين هلي رهيو آهي. اخلاق جي بلندي جو اهڙو مثال انهن ئي گهراڻن ۾ اڄ سوڌو قائم آهي جن وٽ نياز ۽ نوڙت باقي آهي، سندس حياتي جي ورقن ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته خبر پوي ٿي ته پاڻ 5 مئي 1945ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. مذهبي تعليم سان گڏوگڏ ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. سکر ۽ خيرپور جا مختلف تعليمي ادارا ۽ ناميارا استاد سندس زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جي احساس کي ڏهوڻو ڪندڙ ثابت ٿيا. خوش اخلاقي، خوش ڪلامي، خوش لباسي سندس جواني وارن ڏهاڙن کان سڃاڻپ رهي. علم ۽ ادب جو پارکو ۽ پنهنجن پراون جي پرگهور لهڻ وارو شخص هو. هٿ جي خير سان گڏوگڏ پاڻ وٽ جيڪو ڪجهه هئس سو ايندڙ وقت جي معمارن کي ڏيندو رهيو. سخاوت ۽ سچائي جو اهو سلسلو سروس دوران ۽ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به جاري رکندو آيو. شهر ۽ شهرين جي ڀلائي توڙي خير جي ڪمن ڪارين سان گڏوگڏ صوم صلوات جو به پابند هو. گهڻو عرصو ته رحمانيه مسجد ڀٽائي بازار شڪارپور جو متولي به رهيو موت هڪ اٽل حقيقت آهي جنهن کان ڪڏهن به انڪار نٿو ڪري سگهجي. شڪارپور جو هي ڀلوڙ استاد ۽ نيڪ دل انسان پنهنجي ئي ديس ۾ پنهنجن وٽان 19 جنوري 2021ع تي وفات ڪري مالڪ حقيقي وٽ پهتو. شڪارپور جي سڻڀي مٽي ۾ کيس هميشه جي لاءِ مدفن ڪيو ويو. دعا آهي ته اسان جي ايندڙ نسل سندس لاٽ مان لاٽ ٻاري علم جي شمع کي روشن رکندي اچي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو