ليکڪ: طفيل مگسي
حقيقت ۾ وڏين عالمي طاقتن جون به عجيب قسم جون رانديون هونديون آھن، اهي ڪنهن به بهاني سان ڪنهن به ملڪ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏينديون آھن ۽ وري ڪڏھن ڪنهن آزاد رياست تي فوجي هلان ڪري ان تي پنهنجو قبضو ڄمائي ڇڏينديون آھن، يا ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي افراتفري پيدا ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ اتي انتها پسندي پکيڙڻ کان به پوئتي ناهن هٽنديون ۽ هڪ ڏهاڪي کان شهيد معمر قذافي جي ملڪ سان به ائين ٿي رهيو آهي، ويجهڙائي ۾ لبيا جي بحران تي ويچار ڪرڻ ۽ اتي امن قائم ڪرڻ لاءِ عالمي طاقتن جو جرمني جي گادي واري هنڌ برلن ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لبيا جي پرڏيهي وزير نجلا منقوشان اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برلن ۾ امن وارين ڳالهين جي نئين دور ۾ ڪافي مثبت ڳالهيون ٿيون آھن، هن اميد ظاھر ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ غيرملڪي ويڙهاڪ ۽ ڪرائي جا فوجي سندن ملڪ مان هليا ويندا، ٻئي پاسي ترڪ پرڏيهي وزير مومود چاوش اولو برلن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته انقره لبيا ۾ امن، سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ تعاون جاري رکندو، هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن ڪانفرنس جي موقعي تي چيو ته هو هن آفريقي ملڪ جي جهڳڙن جي حل لاءِ برلن ۾ ڌرين کي گڏ ڪرڻ تي ٿورائتو آھي، برلن ڪانفرنس جي ايجنڊا لبيا ۾ جهيڙي جو حل ڪڍڻ ھو، لبيا لاءِ آمريڪا جي خاص نمائندي رچرڊ نالينڊ پنهنجي بيان ۾ چيو ته برلن ڳالهين کانپوءِ لبيا ۾ ٿيڻ وارين چونڊن جو رستو صاف ٿي ويندو، ياد رهي ته لبيا ۾ 2011ع کان سياسي افراتفري آھي، اتي نيٽو جي حمايت سان بغاوت بعد ڊگهي عرصي کان اقتدار تي ويٺل ڪرنل معمر قذافي کي سندس عهدي تان هٽايو ويو هو پر ان کانپوءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٻه حڪومتون قائم ٿي ويون هيون ۽ اتي مختلف گروپ پاڻ ۾ ويڙھه ۾ مصروف ھئا، چيو وڃي ٿو ته انهن گروپن کي مختلف ملڪن جي حمايت حاصل آھي ۽ ڪافي انگ ۾ غير ملڪي فرد به انهن گروپن جي ويڙھه ۾ ساٿ ڏئي رهيا آھن، گذريل سال آڪٽوبر ۾ اتي جنگ بندي جو ٺاهه ٿيو هو، جنهن تحت سمورن پرڏيهي ويڙهاڪن کان مطالبو ڪيو ويو هو ته اهي 90 ڏينهن اندر ملڪ ڇڏي وڃن پر هينئر تائين ان ٺاهه تي عمل ناهي ٿي سگهيو. ان ڪانفرنس جو بندوبست جرمني ۽ گڏيل قومن جي اداري لبيا ۾ امن جي قيام لاءِ گڏيل طور تي ڪيو هو، برلن ۾ ان نموني جي اعليٰ سطحي ڪانفرنس جي شروعات گذريل سال ٿي هئي ۽ اهو پهريون موقعو هو ته ان ۾ لبيا جي وقتي حڪومت به شريڪ ٿي،ڪانفرنس ۾ آمريڪا، روس، ترڪي، مصر، گڏيل عرب اماراتن ۽ لبيا جي وقتي حڪومت جي نمائندن شرڪت ڪئي، 2020ع ۾ ٿيل پهرين ڪانفرنس جو مقصد لبيا ۾ ٻاھرين ملڪن جي مداخلت کي ختم ڪرڻ ھو پر هينئر تائين اهو ممڪن ناهي ٿي سگهيو، جيتوڻيڪ امن جي قيام وارين ڪوششن جي ڪري لبيا ۾ ڪنهن حد تائين جنگبندي ٿي ۽ هڪ وقتي حڪومت قائم ٿي چڪي آھي، ان کان اڳ لبيا جي ڌرين وچ ۾ سياسي ڊائلاگ فورم ڪميٽي جو اجلاس اپريل جي مهيني ۾ ٿيو هو، تيونس جي شھر ۾ 7 اپريل تي ٽن ڏينهن تائين هلندڙ ان اجلاس ۾ آئيني بنيادن تي هڪ ٺاهه طئي ٿيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته قانونساز ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي وچ ۾ لاڳاپا ڪنٽرول ڪيا ويندا، ٻئي پاسي ڌرين ان ڳالهھ جي تصديق ڪئي هئي ته آئيني بنيادن تي ٽڪراءَ ضرور آھن، ان باوجود ڪجهھ مسئلن تي اتفاق راءِ ضرور ٿي آھي. لبيا جي بحران جي شروعات 2011ع ۾ ٿي، گهرو ويڙھه ۽ غيرملڪي فوجي مداخلت سبب معمر قذافي جو اقتدار ختم ٿيو ۽ بعد ۾ سندس شھادت ٿي، گهرو ويڙھه کانپوءِ ھٿياربند گروهن جي پکيڙ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ تشدد ۽ عدم استحڪام پيدا ٿيو، 2014ع ۾ گهرو ويڙھه سبب لبيا جي اقتصادي طور تي اهم تيل جي صنعت جي پيداوار پنهنجي معمول کان گهٽجي هڪ ننڍڙي حصي تي اچي وئي (شايد وڏين طاقتن طرفان رٿيل ڊرامي جو هڪ اهم سبب اهو به هو) اتي ڪنهن به آفريقي ملڪ جي مقابلي ۾ تيل جا سڀ کان وڏا ذخيرا هئا، مخالف گروپن ذريعي گهڻو ڪري پيداواري سهوليتن جي ناڪابندي ڪرائي انهن کي نقصان رسايو ويو، آمريڪي صدر بارڪ اوباما 11 اپريل 2016ع تي چيو هو ته فذافي کانپوءِ لبيا ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال لاءِ تياري نه ڪرڻ شايد سندس اقتداري دور جي سڀ وڏي ۽ بدترين غلطي هئي، معمر قذافي جي سربراهي ۾ لبيا جي تاريخ 1969ع کان 2011ع تائين 40 سالن هلي، قذافي پهرين سيپٽمبر 1969ع ۾ لبيا جي نوجوان فوجي آفيسرن جي هڪ ٽولي جي مدد سان شاهه ادريس اول خلاف بغاوت ڪري حڪومت تي قبضو ڪري ورتو هو، بادشاھه جي فرار ٿيڻ کانپوءِ قذافي جي اڳواڻي ۾ لبيا جي انقلابي ڪائونسل (آر سي سي) بادشاهت ۽ پراڻي آئين کي ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ آزادي، سوشلزم ۽ اتحاد جي نعري سان گڏ نئين جمهوريه لبيا جو اعلان ڪيو هو، اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آر سي سي حڪومت ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ وارين سمورين پيٽروليم ڪمپنين جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو هو ۽ ملڪ جي سمورن رهواسين لاءِ تعليم، صحت جي سهولت ۽ رهائش ميسر ڪرڻ لاءِ فنڊن جو انتظام ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو هو، ان جي سڌارن جو عمل مڪمل طور تي درست نه هئڻ باوجود ملڪ ۾ عوامي تعليم مفت ۽ بنيادي تعليم ٻنهي جنسن جي لاءِ لازمي ٿي وئي هئي، عوام کي طبي سهولتون بنا پئسن جي مليون پر سڀني جي لاءِ رهائش ميسر ڪرڻ اھڙو عمل هو جيڪو حڪومت مڪمل نه ڪري سگهي هئي، قذافي جي دور ۾ ملڪ ۾ في ماڻھو جي آمدني 11 هزار آمريڪي ڊالر ٿي چڪي هئي، جيڪا آفريقا ۾ پنجين نمبر تي هئي، ان تي الزام هنيو وڃي ٿو ته خوشحالي ۾ واڌاري سان گڏ هن ٽڪراءَ واري پاليسي ٺاھي ۽ ملڪ ۾ سياسي ڏاڍ ۾ واڌارو ٿيو، 2014ع جي شروعات ۾ گهرو ويڙھه شروع ٿي وئي، قذافي جي مخالف قوتن فيبروري 2011ع ۾ قومي وقتي ڪائونسل جي نالي سان هڪ ڪمپني جوڙي، جنهن کي باغين جي قبضي هيٺ علائقن ۾ وقتي اٿارٽي جي حيثيت سان ڪم ڪرڻو هو، جڏھن حڪومت باغين جو مقابلو شروع ڪيو ۽ ٻنهي پاسن کان تشدد وڌيو ته 27مارچ 2011ع ۾ نيٽو فورسز جي قيادت ۾ مداخلت ڪئي وئي. جنهن جو مقصد سرڪاري فوجين جي حملن کان شھرين جي حفاظت ڪرڻ ٻڌايو ويو هو، ان کان فورن پوءِ عالمي فوجداري عدالت 21 جون 2011ع ۾ قذافي ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري جو وارنٽ جاري ڪيا، ڪرنل معمر قذافي کي 20 آڪٽوبر 2011ع ۾ طرابلس جي باغي فوجين جي خاتمي کانپوءِ اقتدار تان بيدخل ڪيو ويو ۽ ان راند جي پهرين قسط جي پڄاڻي 20آڪٽوبر 2011ع ۾ قذافي جي فرار ٿيڻ واري قافلي تي نيٽو جي هوائي حملن ۽ باغي ويڙهاڪن ذريعي انهن جي قتل تي ختم ٿي. (هلندڙ)