179

وڇڙيو آهين پر وسريو نه آهين….

ليکڪ: غلام مصطفيٰ جوڻيجو

 شاهنواز خان جوڻيجي ٽنڊوآدم جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ سنجر خان جوڻيجي ۾ 1932ع ۾ وڏيري حاجي سنجر خان جوڻيجي جي گھر۾ جنم ورتو، حاجي سنجر خان جوڻيجو تر جو ھلڪو ڦلڪو زميندار ۽ مڇيءَ مانيءَ وارو ھو، سندس اوطاق تي ھر وقت ماڻهن جا ميلا متل ھوندا ھئا، اوطاق تي اڪثر فيصلا ٿيندا هئا جن ۾ ماڻهن جو وڏو ھجوم ھوندو ھو ۽ فيصلو ٻڌڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا هئا، ان گھراڻي جو فرد چاچا شاهنواز جوڻيجو به وڏي نامياري هستي طور سڃاتو وڃي ٿو مرحوم چاچا شاهنواز جوڻيجو کي وڇڙيي 16 سال گذري ويا آهن، پر سندس يادون ۽ محبتون اڄ به دلين ۾ موجود آهن ۽ ماڻهن وٽ ان لاءِ ساڳيو احترام ۽ ادب آهي، شاهنواز جوڻيجو نه رڳو سانگهڙ جو پر سڄي سنڌ جي مسڪينن جو ڀرجهلو ي ڏک سک ۾ ساٿ نڀائيندو رهيو، جيتوڻيڪ ظاهري طور تي سندس تعليم 8 درجا هئي پر سندس ڏاهپ ۽ ماڻهپي واري ڪردار کيس سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو بڻائي ڇڏيو، شاهنواز خان جوڻيجو علم، ادب، تاريخ ۽ مذهب جي وڏي ڄاڻ رکندو هو، هو روزانو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو هو ۽ ان کانپوءِ شاهه جو رسالو پڙهندو هو، جنهن بعد هو روز صبح جو گهوڙي سواري ڪندو هو، ڇو ته گهوڙن جو تمام گهڻو شوقين هو ۽ هن وٽ اعليٰ نسل جا گهوڙا بيٺل هوندا هئا. سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪندي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لڳندڙ ميلن مان سندس گهوڙن جون ٽاپوليون لڳنديون هيون، چاچا شاهنواز جوڻيجو سچو، کرو، بيباڪ، امين ۽ بي ڊپو ڪردار هو، سدائين اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪو پائيندو هو، پنهنجي والد حاجي سنجر خان جوڻيجو جي وفات کانپوءِ برادري توڙي راڄ ڀاڳ جا سمورا وزن سندس ڪلهن تي اچي ويا، جن کي هن بهتر نموني پوري همٿ سان نڀايو ۽ پنهنجي بزرگن جو نالو روشن ڪيو، شاهنواز خان جوڻيجو جي خاندان جا وڏڙن کان وٺي مخدوم خاندان سان محبت وارا لاڳاپا هئا ۽ هن به اهي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪيا ۽ مخدوم محمد امين فهيم جي سنگت ۾ هڪ هن 1962ع ڌاري سياست جي شروعات ڪئي، بي ڊي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ۽ مخدوم امين فهيم سان دوستي سبب پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو، سياست ۾ پير پائڻ سان هن کي ڪافي ڀيرا جيل به ڪاٽڻا پيا، 1975ع کان 1977ع تائين جيل ۾ رهيو، جمهوريت جي بحالي لاءِ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو، 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي وئي تڏهن هن هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ سخت دٻاءَ باوجود ذوالفقار علي ڀٽو خلاف شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن سبب کيس ٻيهر جيل موڪليو ويو، پر هن جوڌي جوان آڻ نه مڃي، 1988ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي هن اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي شڪست ڏني، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو به هو گهڻو خيال رکندو هو ۽ شهيد راڻي به هن سان احترام ۽ ادب سان پيش ايندي هئي ۽ کيس چاچا شاهنواز ڪري ڪوٺيندي هئي. مرحوم شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي ٻين وڏيرن کان ڪافي مختلف هو، پ پ ۾ هوندي به اڪثر سائين جي ايم سيد جي سالگرهه توڙي ورسي ۾ وڏي شوق سان شرڪت ڪندو هو، پاڻ ٽوپي ۽ پٽڪي کي به ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور ڪيو، سادي طبيعت جو مالڪ هن شخص زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن لاءِ من ۾ مير نه رکي، ڪافي هنڌن تي سندس ويجهن ئي دوستن کانئس بيوفايون ڪيون پر هن انهن کي به پاڻ کان پري نه ڪيو، جڏهن ڄام صادق علي سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته هن مٿس پ پ ڇڏڻ لاءِ زور ڀريو پر شاهنواز جوڻيجو پ پ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو، جنهن سبب کيس جيل ۾ واڙي اذيتون پڻ ڏنيون ويون، پر جڏهن ڄام صادق علي تمام گهڻو بيمار ٿي پيو ته شاهنواز جوڻيجو ڪراچيءَ ۾ ڊفينس واري سندس گهر ۾ وڃي هن جي عيادت ڪئي ۽ ڄام صادق علي هن جي فراخدلي ڏسي کيس ڀاڪر پائي روئي پيو ۽ چيو ته اي شاهنواز توهان ڪهڙي مٽيءَ جا ماڻهو آهيو مون اوهان کي ايڏيون تڪليفون ڏنيون، پوءِ به توهان مون کان پڇڻ آيا آهيو، بس يار مون کي معاف ڪر، پنهنجي شايد هيءَ آخري ملاقات آهي. مرحوم شاهنواز جوڻيجو ڪڏهن به ڏيکاءَ ۽ مشهوريءَ جو قائل نه رهيو، پاڻ جڏهن وفاقي وزير هو تڏهن به نه ڪنهن سان ناانصافي ڪيائين ۽ نه ئي وري سفارش قبول ڪيائين، سدائين غريبن کي اهميت ۽ عزت ڏني. هو هر هفتي پنهنجي ڳوٺ ايندو هو ۽ راڄ ڀاڳ جا حال احوال وٺي مقرر ڪيل فيصلا ڪندو هو، سندس فيصلا به اٽل هوندا هئا، هو مکڻ مان وار ڪڍڻ جو ماهر هو. هن وفاقي وزير رهندي  به ڪڏهن پروٽوڪول نه کنيو، هڪ جيپ ۽ساڻس هڪ ڪلاشنڪوف گڏ هوندي هئي، پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪو گارڊ کڻڻ به پسند نه ڪندو هو. هن نيڪ دل ۽ بهادر انسان 14 جولاءِ تي هي فاني دنيا ڇڏي، اڄ سندس 16 هين ورسي آهي، سندس بهادر پٽ روشن الدين جوڻيجو ۽ محمد خان جوڻيجو به پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي عوام جي خدمت به ڪن ٿا ۽ گهوڙن جو شوق به پالين ٿا. الله سائين کين سدائين آباد رکي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو