ليکڪ: فداحسين چانڊيو
پ پ اڳواڻ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري قاضي احمد پ پ تعلقي جي جلسي ۾ پھتو ته رستي ۾ ھر ھنڌ سندس شاندار تاريخي استقبال ڪيو ويو، چنيسر ۾ شھزاد زرداري ۽ امير علي زرداري پاران شاندار آجيان ڪئي وئي، ھر ھنڌ عوام سادي فقيري طبيعت رکندڙ حاجي علي حسن زرداري، عاشق حسين زرداري ۽ غلام قادر چانڊيو سميت سندس قافلي ۾ شامل پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي ۽ نور نواز زرداري کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، حاجي علي حسن زرداري ھر ھنڌ پنھنجي مخصوص انداز سان ھٿ ٻڌي استقبال ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪندو رھيو، پ پ قاضي احمد پاران جلسي جا انتظام بھتر ڏسڻ ۾ آيا، جنھن جو سھرو يقينن عبدالنبي جمالي سميت سندس ٽيم ڏانھن وڃي ٿو، جن جي محنتن رنگ لاتو، پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي قاضي احمد پاران قاضي احمد ۾ پ پ پارٽي جو وڏو ۽ شاندار جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي جو خاص مھمان پ پ اڳواڻ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ۽ پ پ جا اڳواڻ سردار ڄام تماچي انڙ، عاشق حسين زرداري ۽ پ پ ضلعي شھيد بينظيرآباد جو صدر علي اڪبر جمالي، غلام قادر چانڊيو، غلام شاھه لغاري ۽ ٻيا ھئا، پيپلزپارٽي تعلقي قاضي احمد صدر عبدالنبي جمالي سميت ھزارين پ پ جي جيالن اڳواڻن جو قاضي احمد پھچڻ تي شاندار استقبال ڪيو، قاضي احمد وارو جلسو تاريخي رھيو، اڳواڻن جي وک وک تي شاندار آجيان ٿي. پ پ قاضي احمد پاران پيپلزپارٽي جي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري جي مان ۾ جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾ مھمان خاص حاجي علي حسن زرداري سميت پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ تر جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جلسي گاهه پھچڻ کان اڳ پ پ اڳواڻ حاجي علي حسن زرداري جو نوابشاهه کان قاضي احمد تائين ڪيترن ئي ھنڌن تي شاندار استقبال ڪيو ويو، تيار ڪيل استقبالي ڪئمپن تي مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي، پٽڪا، ٽوپيون ۽ اجرڪ پارايا ويا، قاضي احمد ۾ پ پ اڳواڻن جو ڪارڪنن دھلن ۽ شرنائين تي زبردست استقبال ڪيو، بعد سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، پ پ اڳواڻ حاجي خان لاکو پاران پڻ اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا، پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري قاضي احمد ۾ رٿيل جلسي ۾ شرڪت لاءِ پھتو، قاضي احمد پھچڻ تي پ پ جي عبدالنبي جمالي، ڄام آفتاب انڙ، اڳواڻن سيد شھنشاھه لڪياري، حاجي خان لاکو سميت پ پ جي ھزارين ڪارڪنن، ورڪرن ۽ جيالن سندس شاندار استقبال ڪندي مٿس گلن جي ورکا ڪئي ۽ کيس سنڌ جي ثقافت پٽڪا، اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور پيش ڪيا ويا، جڏھن ته ساڻس گڏ عاشق حسين زرداري، پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، غلام قادر چانڊيو، غلام شاھ لغاري، پ پ تعلقي قاضي احمد جو صدر عبدالنبي جمالي، نور نواز زرداري ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا، بعد ۾ رٿيل جلسي ۾ کيس وڏي ريلي جي صورت ۾ آندو ويو، آجياڻي کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي تعلقي قاضي احمد جي صدر عبدالنبي جمالي چيو ته پ پ عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، اسان جي حڪومت سدائين عوام کي روزگار ڏنو آهي، ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، ضلعي شھيد بينظيرآباد سميت قاضي احمد ۾ رڪارڊ ڪم ٿيا آهن، ان خدمت جي ڪري جڏهن اسان جلسي جو سڏ ڏنو آهي ته اڄ وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا آهن، ھن قاضي احمد جا مسئلا پيش ڪيا ۽ اھي مسئلا پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ محترمه فريال ٽالپر آڏو پيش ڪرڻ لاءِ حاجي علي حسن زرداري کي گذارش ڪئي، جن ۾ عبدالنبي جمالي ٽائون ڪاميٽي قاضي احمد کي ميونسپل ڪاميٽي جو درجو ڏيڻ، ڊرينيج سسٽم جي بحالي لاءِ 15ڪروڙ رپيا فنڊ جاري ڪرڻ، قاضي احمد جي تعلقي اسپتال ٿيڻ لاءِ فنڊ ڏيڻ، شھر جا تباهه ٿيل روڊ رستا ٺھرائڻ سميت تعلقي پريس ڪلب قاضي احمد جي 50 لک رپيا گرانٽ ۽ بلڊنگ جي گھر ڪئي، جڏهن ته خطاب ڪندي سردار ڄام تماچي انڙ پڻ قاضي احمد جي تعلقي اسپتال، ڊرينيج سسٽم جي بحالي ۽ شاخن تي پاڻي چوري روڪرائڻ ۽ پڇڙي تائين پھچائڻ وارا مسئلا پيش ڪيا، جلسي کي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي سنڌ جي چيئرمين غلام قادر چانڊيو، پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، غلام شاهه لغاري ۽ منصور لاکو پڻ خطاب ڪيو، مھمان خاص طور خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي حاجي علي حسن زرداري چيو ته ھو ھتي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ محترمه فريال ٽالپر جي حڪم تي ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ، سندن مدد ڪرڻ ۽ مسئلا معلوم ڪرڻ لاءِ پھتو آھي، ھتي اچڻ جو ٻيو ڪو به سياسي سبب نه آهي، صرف پنهنجي ماڻهن سان ملي سندن مسئلا معلوم ڪرڻ آهي، ھن چيو ته تعلقي اسپتال قاضي احمد، ڊرينيج سسٽم سميت تعلقي پريس ڪلب قاضي احمد جي لاءِ فنڊ ۽ بلڊنگ جا جيڪي مسئلا پيش ڪيا ويا آهن اھي ھو پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ محترمه فريال ٽالپر آڏو پيش ڪندو، انشاءَ الله ٽن مھينن ۾ سڀ ڪم ۽ مسئلا حل ڪرايا ويندا، جلسي دوران پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناظم يونين ڪائونسل مرزا باغ بهار خان مري پاران صحافين ۽ مھمانن کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون پارايون ويون.