163

افغان مهاجرن بابت سنڌ جا خدشا نظرانداز نه ڪيا وڃن

ايڊيٽوريل

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ 22 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ هٿياربند فوج جي اهلڪارن لاءِ خاص الائونس 2021 جي منظوري تي غور ڪيو ويو ۽ جائزو وٺڻ کان پوءِ پاڪ فوج لاءِ 15 سيڪڙو اسپيشل الائونس جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو پڻ ڪيو. اجلاس ۾ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي بابت ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ فيصلو برقرار رکيو آهي، ڪميٽي طرفان پنجاب حڪومت ۽ تنظيم جو موقف ٻڌڻ ۽ حقيقتن جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ تنظيم تي پابندي جو فيصلو حقيقتن ۽ ميرٽ تي هو. وفاقي حڪومت هلندڙ سال اپريل ۾ تحريڪ لبيڪ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي. گڏوگڏ تنظيم تي پوليس وارن کي شهيد ڪرڻ جا الزام به آهن، علائقائي پوليس تي تشدد ڪرڻ ۽ ملڪيتن کي باهه ڏئي نقصان پهچائڻ جا پڻ الزام آهن. ٻي مرحلي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو چونڊ نشان رد ڪرائڻ لاءِ حڪومت قدم کڻندي، جيڪي دهشتگردي روڪ ايڪٽ تحت هوندا. وفاقي ڪابينا 49 دوائن جي رٽيل پرائس مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني، فيصلن تي بريفنگ ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته سول ملازمن کي ته  الائونس مليا پر گذريل ٻن سالن کان فوج جي پگهار ۾ واڌ نه ٿي، تنهن ڪري فوج لاءِ 15 سيڪڙو اسپيشل الائونس ڏنو پيو وڃي، رينجرز ۽ ايف سي ملازمن کي به وزيراعظم جي حڪم تي الائونس ڏنو ويندو. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان نالي تنظيم جي نظرثاني جي درخواست تي غور جي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي رپورٽ وفاقي ڪابينا وٽ ڪئي وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پنجاب حڪومت ۽ تنظيم جو موقف ٻڌڻ ۽ حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ ڪميٽي ان نتيجي تي پهتي آهي ته تنظيم تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ميرٽ ۽ حقيقتن تي ڪيو ويو هو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا صورتحال کي ڏسندي اين سي او سي 5 موڪلن جي تجويز ڏني هئي پر ڪابينا 3 موڪلن جي منظوري ڏني آهي، عيدالاضحيٰ تي 20، 21 ۽ 22 جولاءِ تي عام موڪل جي منظوري ڏني وئي آهي. فواد چوڌري چيو ته افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جو پاڪستان غور سان جائزو وٺي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته افعانستان ۾ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين جنهن سان افغان رهواسين کي ٻيهر لڏپلاڻ ڪرڻي پوي.  هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. هن ٻڌايو ته چونڊ سڌارن بابت صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، مخالف ڌر سان ڪيترين ئي شين تي اتفاق ٿي چڪو آهي، جن تي اتفاق نه آهي اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون انهن تي به اتفاق ٿي وڃي، اي وي ايم مشين ۾ اسان جو مقصد چونڊن کي شفاف ڪرڻ آهي، فواد چوڌري ٻڌايو ته وفاقي حڪومت وڻ پوکڻ لاءِ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي مهم شروع ڪندي. ان بابت سمورن صوبن ۾ ڀرپور مهم هلائي ويندي، هن چيو ته اسان 50 ڪروڙ وڻ لڳائينداسين.اسان سمجهون ٿا ته وفاقي ڪابينا خاص ڪري چونڊ سڌارن ۽ افغان مهاجرن جي لڏپلاڻ بابت جنهن حڪمت عملي تي هاڻ ڪم ڪري رهي آهي اها بهتر آهي، پر ان لاءِ پڻ سمورين ڌرين سان مشاورت ضروري آهي، خاص ڪري افغان پناهگيرن بابت سنڌ جي عوام ۽ سنڌ حڪومت جي خدشن کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي، وڻ لڳائڻ بهترين عمل آهي ۽ ان تي شفافيت جي ضرورت آهي، چونڊ سڌارن بابت مخالف ڌر سان مشورو آئيني ۽ جمهوري روايت تحت بهترين فيصلو آهي ۽ ان کي اميد آهي ته خوش اصلوبي سان حل ڪيو ويندو، اسان سمجهون ٿا ته جمهوريت جو حسن ان ڳالهه ۾ آهي ته مخالفت وارن راين کي ٻڌي ان مان بهتر جي چونڊ به ڪئي وڃي، اهڙي عمل سان ئي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو