ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ وڌيڪ نادرا عملدار کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي سلسلي ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي. نادرا ميگا سينٽر ڊي ايڇ اي ۾ مقرر ڊيٽا انٽري آپريٽر عبدالعزيز عباسي کي ٻن ايجنٽن محمد امين ۽ معراج سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي الزام هيٺ نادارا عملدارن ۽ ايجنٽن سوڌو هيل تائين 13 جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن.
