اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وراثتي سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ سان عوام جي لاءِ آساني پيدا ٿيندي، حڪومت جو اصل مقصد عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، ڪوشش آهي ته اليڪشن ۾ اي ووٽنگ ذريعي اوورسيز پاڪستاني ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهن، اي وي ايم مشينن جي استعمال سان شفافيت ايندي. پنجاب ۾ وراثتي سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم ۽ نادرا چيئرمين طارق ملڪ پڻ شريڪ هئا. وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته نظام ۾ اي گورننس کڻي اچون، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪنهن به ڪم ۾ تيزي آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته حڪومت ماڻهن جي ٽيڪس جي پئسي سان ڪم ڪندي آهي، عوام جي لاءِ ڪو به ڪم مشڪل هوندو آهي جيڪو انهن جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ آهي، وراثتي سرٽيفڪيٽ نادرا ذريعي جاري ڪرڻ هڪ وڏو قدم آهي، اهو هاڻي نارمل طريقي سان حاصل ڪري سگهن ٿا، خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وراثتي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب اچي ويو آهي، آئون چاهيندس ته اسان جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪريون ڇو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي اسان جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن. هن چيو ته شوڪت خانم اسپتال اڄ کان 20 سال اڳ ان هائوس سافٽ ويئر تيار ڪيو جنهن سان سڄي اسپتال پيپرليس بڻجي وئي، ان جو سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيو ته ڪرپشن جو امڪان ختم ٿي ويو، ان جي نتيجي ۾ اهو ممڪن نه هو ته جعلي رسيدون ٺهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اسان جي حڪومت ۾ اي گورننس آندي وڃي، هتي فائيل گم ٿي وڃي ٿي، پوءِ باهه لڳي وڃي ٿي، لينڊ رڪارڊ تائين کي باهه لڳي وڃي ٿي، اي گورننس سان اهو سڄو سسٽم ان کان بچي سگهي ٿو. تقريب کي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم پڻ خطاب ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وراثتي سرٽيفڪيٽ نادرا ذريعي جاري ڪرڻ حڪومت پاران عوام جي لاءِ هڪ وڏو قدم آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قانوني وارث عدالتن سان رجوع ڪرڻ کانسواءِ نادرا مان 15 ڏينهن جي اندر وراثتي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهندا. اهو قدم وزيراعظم عمران خان جي ان ويزن جو حصو آهي جيڪو شهرين کي انهن جا جائز حق بنا ڪنهن ڏکيائي جي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. ان قدم سان عدالتن تي ڪيسن جو بار گهٽ ٿيندو ۽ وارثن کي پنهنجو جائز حق جلد ۽ آسان طريقي سان ملندو. هي نظام خصوصي طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ڪارائتو آهي جن کي اڳ ۾ وراثتي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان اچڻو پوندو هو. هاڻي اهي ٻاهرئين ملڪ مان ئي بايوميٽرڪ تصديق سان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن ٿا. اسلام آباد ۾ ان نظام جي ڪاميابي کانپوءِ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه به انهن قانونن کي پنهنجي صوبن ۾ اختيار ڪري ورتو آهي. پنجاب صوبي ۾ ان ڏس ۾ سموريون قانوني ضرورتون پوريون ڪري ورتيون آهن ۽ هاڻي صوبي ۾ سمورن ضلعن ۾ موجود نادرا سينٽرز وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جا مجاز آهن. وزيراعظم عمران خان پاران پنجاب ۾ وراثتي سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي هڪ مختصر وڊيو پڻ ڏيکاري وئي.
