اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ صحت جو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ مدد فراهم ڪري رهي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر بهره مند تنگي ۽ ٻين جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي جا مرڪز مختلف شهرن ۾ موجود آهن، حيدرآباد ۾ 17 سيپٽمبر 2020ع تي هڪ بحالي مرڪز جو افتتاح ڪيو ويو جيڪو 30 بسترن تي ٻڌل آهي ۽ بحالي مرڪزن ۾ منشيات جي عادي ماڻهن کي مفت علاج ۽ رهائش جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ٿي.
100