106

خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان دهشتگردي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن: علي محمد خان

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪنهن علائقي کي نظرانداز نه ڪندي، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان دهشتگردي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ماضي ۾ انهن کي نظرانداز ڪيو ويو، ايم ايل ون سي پيڪ جو حصو آهي، ان کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ونيش ڪمار، سينيٽر نصيب الله بازئي ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته مين لائين ون ڪراچي کان پشاور تائين تعمير ڪئي ويندي، اهو سي پيڪ جو شروعاتي منصوبو آهي، سي پيڪ جي ڊگهي مدي وارن منصوبن ۾ بلوچستان ۾ ريلوي جا اهم منصوبا به شامل آهن، گوادر کي رستي ذريعي تربت، پنجگوڙ ۽ بسيمه مستونگ سان ڳنڍيو ويندو، ٻي لائين گوادر کان بسيمه ۽ خضدار جي رستي جيڪب آباد تائين پهچائي ويندي، ان جي تفصيلي فزيبلٽي 149 ملين رپين جي لاڳت سان 2019ع ۾ مڪمل ٿي آهي، پهرين مرحلي ۾ منصوبي جي شروعاتي ڊيزائن مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪيتريون ئي ٽرين سروسز ڪوويڊ جي ڪري مسافر گهٽ هجڻ جي ڪري بند ڪيون ويون آهن، انهن کي بحال ڪيو پيو وڃي، اڪبر ايڪسپريس به جلد بحال ٿي ويندي، موجوده حڪومت ترقي جي عمل ۾ سمورن صوبن ۽ علائقن کي گڏ کڻي هلندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو