103

پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان جي جواب تي ايوان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي ميمبر سينيٽر افنان الله خان جي اعتراض واري نقطي تي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان جي جواب تي ايوان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر افنان الله خان چيو ته مملڪتي وزير هر سوال جي جواب ۾ اڳوڻي حڪومت تي تنقيد ڪري ٿو ۽ هر ڪم اڳوڻي حڪومت جي کاتي ۾ وجهي ڇڏي ٿو، اهو ٺيڪ عمل نه آهي، جنهن تي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان بيهي رهيو ۽ هن وڏي آواز ۾ چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪا اهڙي دوا ايجاد ٿي وڃي جنهن سان اسان جي ياداشت مان اها شيءَ وسري وڃي ته اڳوڻي حڪومت پنهنجي دور ۾ ڇا ڪندي رهي آهي. سندس ان جواب تي ايوان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو