110

تاريخي شخصيتن جي لاءِ اڻوڻندڙ لفظن جو استعمال نه ٿيڻ گهرجي: سيد نويد قمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر چيو آهي ته تاريخي شخصيتن جي لاءِ اڻوڻندڙ لفظن جو استعمال نه ٿيڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي سيد نويد قمر چيو ته ڪجهه شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جن کي اسان تاريخي تناظر ۾ ڏسون ٿا. اهڙين شخصيتن جي لاءِ اڻوڻندڙ زبان استعمال نه ٿيڻ گهرجي. اسان کي ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان سان دل آزاري ٿئي ٿي. هن چيو ته اهڙي ريمارڪس تي اسان ايوان مان واڪ آئوٽ ڪريون ٿا جنهن سان گڏ ئي هو پارٽي ميمبرن سان گڏ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو