150

نوجوان نسل پاڪستان کي ترقي ڏيندي، يونيورسٽي جي شاگردن کي ڏسي دلي خوشي ٿي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اسان جي نوجوانن جي نسل پاڪستان کي ترقي ڏيندي، يونيورسٽي جي شاگردن کي ڏسي دلي خوشي ٿي آهي ته هي مستقبل آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير اهڙو اظهار بين الاقوامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي انتظام هيٺ 12هين سالياني اوپن هائوس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته يونيورسٽي جي شاگردن کي ڏسي دلي خوشي ٿي آهي، هي اسان جو مستقبل آهن. ڇوڪرين جا سڀ کان وڌيڪ پراجيڪٽ ڏسڻ ۾ مليا آهن. شبلي فراز چيو ته انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جا بهتر پراجيڪٽ ڏسڻ لاءِ مليا. اسان جي نوجوان نسل پاڪستان کي ترقي ڏيندي. هنچيوته ڪو به ادارو يا ملڪ هڪ رڌم ۾ نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته ريسرچ براءِ ريسرچ کان وڌيڪ اهم ريسرچ براءِ ڊولپمينٽ آهي. انڊسٽري، حڪومت ۽ يونيورسٽي ۾ هڪ تعلق بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. شبلي فراز چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اوهان ماڻهن کي ليباريٽري جي مدد فراهم ڪندي. شاگرد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ليباريٽري ۾ بغير ڪنهن مشڪل جي استعمال ڪري سگهن ٿا. اسان وزيراعظم جي ويزن مطابق هر طبقي کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو