103

ملڪي آبادي ۾ تيزي سان واڌ، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ فلاح بهبود تي ناڪاري اثر وڌا آهن:فيصل سلطان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي صحت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ملڪي آبادي ۾ تيزي سان واڌ نه صرف ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ فلاح بهبود تي ناڪاري اثر وڌا آهن. بلڪه سمورن وسيلن تي پڻ دٻاءُ ۾ واڌ ٿي آهي. آبادي جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي  هن چيو ته آبادي جي لحاظ کان پاڪستان 22 ڪروڙ آبادي سان پنجون ملڪ آهي. جڏهن ته خطي جي اڪثر ملڪن ۾ پاڪستان جي آبادي جي سالياني شرح 2.4 سيڪڙو جي لحاظ کان پهرين نمبر تي آهي. ان جي آبادي ۾ ساليانو 30 لک ماڻهن جي واڌ ٿي رهي آهي. ملڪي آبادي ۾ تيزي سان ٿيندڙ واڌ سان نه صرف ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي فلاح ۽ بهبود تي ناڪاري اثر وڌا آهن. بلڪ پاڻي، توانائي، ماحول جهڙن محدود وسيلن تي پڻ دٻاءُ وڌيو آهي. هن چيو ته حڪومت آبادي ۾ واڌ جي شرح تي ڪنٽرول جي ايجنڊا کي ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي. خانداني منصوبابندي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن آبادي جي پکيڙ ۽ وسيلن م توازن آڻي سگهجي. هن سمورن شرڪتدارن ۽ صوبائي حڪومت تي زور ڀريو ته معاشري جي ڪمزور طبقي خاص ڪري عورتن کي ڪورونا وائرس وبا جي صورتحال دوران ڀرپور خدمت جاري رکن. هن چيو ته وفاقي وزارت صحت پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي جي اهم مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ 11 جولاءِ کان 17 جولاءِ تائين آبادي جو هفتو ملهائي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو