99

وفاقي وزير شبلي فراز جي صدارت هيٺ پاڪستان ۾ ويڪسين ٺاهڻ بابت اجلاس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز جي صدارت هيٺ پاڪستان ۾ ويڪسين ٺاهڻ بابت اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته لاڳاپيل اختيارين ۽ ماهرن کي چيو آهي ته هو اهڙي ويڪسين ٺاهين جيڪا مقامي استعمال سان گڏوگڏ روانگي واپار لاءِ به موثر هجي. شبلي فراز چيو ته اسان وٽ قابل ماڻهو ۽ ڪمپنيون آهن جڏهن ته جذبي ۽ سپورٽ جي ضرورت آهي، ڪورونا خلاف ملڪ ۾ ايس او پيز جي ڪاميابي ۽ حڪومت جي حڪمت عملي سڄي دنيا لاءِ مثال آهي، اسان کي مسقبل لاءِ تيار رهڻ پوندو. هن چيو ته حڪومت مڪمل طور تي سهڪار لاءِ تيار آهي، ويڪسين جي ڊولپمنٽ لاءِ ڪامسٽيڪ کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو هوندو. هن چيو ته مختلف وزارتن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ڪري ون ونڊو ڪميٽي جي ذريعي سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي. ڪامسٽيڪ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ڪرڻ لاءِ رهنمائي جو ڪردار ادا ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو