اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ کي تازي جاري ڪيل يورو بانڊز کان هڪ ارب ڊالر موصول ٿيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته يورو بانڊز جي مد ۾ هڪ ارب ڊالر موصول ٿيڻ کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽا سٽا واري ناڻي ذخيرن 18.2 ارب ڊالر ٿيا آهن جيڪي جنوري 2017ع بعد ناڻي جي بلند ترين سطح آهي.
143