114

ڪشمير جي چونڊ مهم ۾ اسان جي قيادت جي خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪئي وئي آهي: مرتضيٰ جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر مرتضيٰ جاويد عباسي چيو آهي ته ڪشمير جي چونڊ مهم ۾ اسان جي قيادت جي خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪئي وئي آهي، اسان تي جمهوري انداز ۾ تنقيد ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته  برساتن جي ڪري قراقرم هاءِ وي تي پل تباهه ٿي وئي آهي. قراقرم هاءِ وي بند آهي. اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي وڃي ته ان رستي کي بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪشمير جي جلسي ۾ اسان جي خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي وئي اسان ان تي ايوان مان بائيڪاٽ ڪريون ٿا ان سان گڏ ئي مسلم ليگ (ن) جا ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو