اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 47472 ٽيسٽ ڪيا ويا. قومي وزارت طرفان جاري ٽوئيٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 47472 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1980 ماڻهن جي ٽيسٽ مثبت آئي. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل ڪورونا ٽيسٽ ۾ مثبت شرح 4.17 سيڪڙو رهي. وڌيڪ ان دوران ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 24 رڪارڊ ڪيو ويو.
