119

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ_ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران اسڪول، تفريحي هنڌ، راندين جي سرگرمين سميت سئنيما ۽ هوٽلون ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي اندر خاص طور ڪراچي شهر ۾ ڪوروناوائرس جي وڌندڙ شرح کي نظر ۾ رکندي تفريحي ماڳن، انڊور ڊائننگ ۽ راندين جي سرگرمين سميت ڪلاس هڪ کان نائين تائين اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ايس او پيز تي صحيح طريقي سان عمل نه ڪيو ويو ته وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا. هن اهو فيصلو اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوروناوائرس بابت صوبائي ٽاسڪ فورس اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ناصر شاهه، اڪرام الله ڌاريجو، قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سراج سومرو، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، آءِ جي پوليس مشتاق مهر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو قاضي شاهد پرويز، ڪمشنر ڪراچي نويد شيخ، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن احمد بخش ناريجو، سيڪريٽري صحت ڪاظم جتوئي، وي سي ڊائو يونيورسٽي پروفيسر سعيد قريشي، ڊاڪٽر قيصر، ڊبليو ايڇ او جي ڊاڪٽر سارہ، ڪور 5 ۽ رينجرز جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي مجموعي تشخيصي شرح 7.4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ۽ ڪراچي ۾ 13 جولاءِ تائين شرح 17.11 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته 7 جولاءِ تي شهر جي تشخيصي شرح 11 جولائي تائين 11.98 سيڪڙو هئي ۽ ستن ڏينهن اندر اها شرح 17.11 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هن وڌيڪ چيو ته صورتحال خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ جيڪڏهن ضروري قدم نه کنياسين ته پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي. صحت واري سيڪريٽري ڪاظم جتوئي سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته 12 جولاءِ 2021 تائين صوبي ۾ ڪوروناوائرس جي ڇهن قسمن جا 365 ڪيس دريافت ڪيا ويا آهن جن ۾ برطانيا وائرس جا 95، ڏکڻ آفريڪا جا 162، برازيل جا 29، انڊيا جا 66، P-1(501Y.V.3)) جا ٽي ۽ هڪ وائلڊ ٽائيپ جا قسم شامل آهن. اجلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته جولاءِ ۾ ڪوروناوائرس جا  143 مريض فوت ٿي چڪا آهن جن مان 98 يعني 69 سيڪڙو وينٽيليٽرز تي هئا، 29 يعني 20 سيڪڙو وينٽيليٽرز تي نه هئا ۽ 16 يعني 11 سيڪڙو گهرن ۾ هئا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ پهرين مارچ 2020 ۾ شروع ٿيندڙ پهرين لهر ۾ 3038 رڪارڊ ڪيس جي تشخيص ڪئي وئي، ٻي لهر ۾ وڌ کان وڌ 1983، ٽين لهر ۾ 2076، هلندڙ چوٿين لهر ۾ هيستائين 1210 ڪيسن جي تشخيص ٿي چڪي آهي.

 فيصلا: وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي وڏي وزير انڊور ڊائننگ، اسڪول ۾ ڪلاس هڪ کان وٺي ڪلاس نائين تائين، سڀئي تفريحي ماڳن سميت واٽر پارڪ، سي ويو، هاڪس بي، ڪينجهر، سوئمنگ پول، سينيمائون ۽ انڊور جمز سومر کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر اهي اسڪول جتي امتحان ٿي رهيا آهن اهي معمول موجب پنهنجو ڪم جاري رکندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايندڙ سومر تي صورتحال جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو ۽ جيڪڏهن ايس او پيز تي صحيح نموني سان عملدرآمد نه ڪيو ويو ته وڌيڪ سخت قدم کڻي سگهجن ٿا.

ويڪسينشن: سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هيستائين ڪورونا ويڪسين جون 5870997 ڊوزز وصول ٿي چڪيون آهن جن مان 4465908 ڊوز استعمال ڪيا ويا آهن. مراد علي شاهه صحت کاتي تي زور ڏنو ته ويڪسينيشن مهم کي تيز ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو