95

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 26 مريض فوت، 1420 نوان ڪيس رپورٽ : وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 26 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جي تعداد 5647 ٿي وئي آهي جڏهن ته 16528 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1420 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران وزيراعليٰ هائوس مان جاري بيان ۾ هن چيو ته ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 26 مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا ۽ فوتين جي تعداد 5647 ٿي وئي جيڪا 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 16528 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1420 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 8.6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن.  هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 4727051 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 350989 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن انهن مان 91 سيڪڙو يعني 318796 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن مان گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 420 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 26546 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 25604 گهرن ۾، 877 مختلف اسپتالن ۾ ۽ 65 مريض آئسوليشن سينٽرن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 817 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 61 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1420 ڪيسن مان 1134 ڪراچي جا  آهن جن ۾ ضلع اوڀر 334، ضلع سينٽرل 275، ضلع ڏکڻ 235، ضلع ڪورنگي 123، ضلع ملير 91 ۽ ضلع اولهه 76 شامل آهن. حيدرآباد 60، سکر 33، ڄامشورو 26، شهيد بينظير آباد 24، ٿرپارڪر 14، ٺٽو ۽ نوشهروفيروز 12-12، بدين، سجاول، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص 11-11، سانگهڙ 10، مٽياري 9، عمرڪوٽ 7، گهوٽڪي 3، دادو ۽ لاڙڪاڻو 2-2، ڪشمور ۽ شڪارپور 1-1 ڪيس آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڏنو آهي ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو