109

پاڪستان پيپلزپارٽي وفاق جي علامت رکڻ واري ملڪ جي واحد جماعت آهي : ڄام اڪرام الله ڌاريجو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير صنعت، واپار، اينٽي نارڪوٽڪس ۽ گڏيل امداد ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي وفاق جي علامت رکڻ واري ملڪ جي واحد جماعت آهي ۽ اسان نفرتن جي سياست تي يقين ناهيون رکندا ۽ ڪراچي جي عوام پڻ نفرتن جي سياست ڪرڻ وارن کي رد ڪري چڪي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي نه صرف ڪراچي جون رونقون بحال ڪيون آهن بلڪي ريڪارڊ ترقياتي ڪم پڻ ڪرايا آهن.پنهنجي آفيس ۾ مختلف وفدن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي  هن چيو ته ڪراچي جو ڏک رکڻ وارن ڪراچي کي صرف ٻوريءَ ۾ بند لاشن جو تحفو ڏنو هو ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي هٿي ڏيڻ کان علاوه ڪجهه ناهي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته عوام جا رد ٿيل ماڻهو هڪ دفعو ٻيهر لساني سياست کي اڀارڻ جي ناڪام سازش ڪري رهيا آهن پر هاڻي ڪراچي جي عوام سمجهي چڪي آهي ته نفرتن جي سياست انهن کي تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. هن ڪراچي جي باشعور عوام کي درخواست ڪئي ته هو لساني سياست ڪرڻ وارن کي يڪسر رد ڪري ڇڏين ۽ قومي سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏين. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جي مسئلن جو حل صرف پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ آهي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي محدود وسيلن  ۾ رهندي سنڌ جي خدمت ۾ مصروف آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو