117

تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود جو نيو ٽيڪ هيڊ ڪوارٽر جو دورو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود گذريل ڏينهن نيب ٽيڪ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو. چيئرمين نيب کي سيد جاويد حسن، وفاقي وزير جو استقبال ڪيو ۽ ٽيوٽ سيڪٽر جي بحالي لاءِ وزيراعظم جي ويزن کي عملي جامو پارائڻ تي شڪريو ادا ڪيو. وفاقي وزير وزيراعظم هنرمند پروگرام تحت 14  نقاطي ايجنڊا تي احسن طريقي سان عملدرآمد جي حوالي سان نيو ٽيڪ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان حوالي سان وڌيڪ ڪوششون نه صرف فني ۽ پيشيواراڻي تربيت جي عمل کي بهتر بڻائينديون بلڪه نوجوانن لاءِ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پڻ لاڀائتيون ثابت ٿينديون. وفاقي وزير وزيراعظم هنرمند پروگرام تحت 104 جاب پليسمينٽ ۽ ووڪيشنل ڪائونسل  سينٽر جي قيام، نيشنل ايمپلائمينٽ ايڪسچينج ٽول (نيڪسٽ) ۽ 37 هزار نوجوانن کي هاءِ ٽيڪ ۽ ووڪيشنل تربيت جي قدمن تي نيو ٽيڪ جي ٽيم کي مبارڪباد ڏني. وفاقي وزير نيشنل  ايڪريڊيٽيشن  ڪائونسل جي قيام کي اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته ٽيڪنيڪل ٽريننگ فراهم ڪندڙ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جي غيرجانبدار شفاف ايڪريڊيٽيشن نه صرف الحاق ٿيل بلڪه پاڪستاني ادارن طرفان جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ پڻ قابل قبول هوندا. تعليم واري وفاقي وزير ويجهڙ ۾ ئي مقرر ڪيل ايگزيڪوٽو ڊائريڪٽر نيو ٽيڪ ساجد بلوچ کي پڻ ساراهيو. ۽ چيو ته عوامي ۽ ترقياتي شعبن م ان جو وسيع تجربو نيو ٽيڪ جي گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندو. هن ويجهڙ ۾ ئي عهدو ڇڏيندڙ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيو ٽيڪ ڊاڪٽر ناصر خان جي خدمتن کي پڻ ساراهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو