اسلام آباد ِ (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ واپار، دفاع، توانائي، سياحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي، گوادر بندرگاهه ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان علائقائي ملڪن ۽ تاجڪستان کي ترقي جا تمام گهڻا موقعا ملندا. هو تاجڪستان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل شير علي مرزو سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان تاجڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ م واپار، دفاع، توانائي، سياحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي لاءِ معاسي ۽ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏنو وڃي. صدر عارف علوي چيو ته گوادر بندرگاهه ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان علائقائي ملڪن ۽ تاجڪستان کي ترقي جا تمام گهڻا موقعا ملندا، تاجڪستان گوادر بندرگاهه ذريعي پنهنجو سامان ٻاهرئين ملڪ برآمد ڪري فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته اعليٰ سطح تي فوجي ۽ دفاعي قيادت جي وچ ۾ گڏيل رابطن سان فوجي تعاون کي وڌيڪ سگهه ملندي. صدر ان موقعي تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ چيو ته ڀارت افغانستان جي سرزمين استعمال ڪري پاڪستان جي خلاف دهشڊتگرد ڪاررواين جي پٺڀرائي ذريعي هائبرڊ جنگ ۾ ملوث آهي. افغانستان جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمت جي فروغ لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪري رهيون آهي، پرامن ۽ خوشحال افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان جي دفاع واري وزير جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. ان موقعي تي تاجڪستان جي دفاع واري وزير پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ م ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ عسڪري ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.
