217

”المنظر“ ڄامشوري جي اوج ۽ زوال جو قصو..!!

ليکڪ: فهد جانوري/ حصو پهريون

هي ان زماني جي ڳالهھ آهي جڏهن ڄامشوري جي هوٽلن جي ڪڙاهي سڄي سنڌ ۾ مشهور هئي، تڏهن يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگرد هر روز پيرين پنڌ اچي ڄامشوري ڦاٽڪ تي هوٽلن تي ڪڙاهين جا آرڊر ڏيندا هئا، ان ئي زماني ۾ اڃا ڪراچي واري سپر هاءِ وي تي حيدرآباد لاءِ باءِ پاس ڪون جڙيو هو، سڄي ملڪ لاءِ ويندڙ سڄو ٽرانسپورٽ ڄامشوري ڦاٽڪ وٽان گذري سنڌو تي اڏيل غلام محمد بيراج واري پل مٿان گذرندو هو، پل تان گذرندڙ بس جي دريءَ مان ٻاهر سنڌو نديءَ جو منظر ڏسبو هو ته دل باغ بهار ٿي پوندي هئي، اهڙن من موهيندڙ منظرن کي المنظر جا منظر ويتر  دلڪش بڻائي ڇڏيندا هئا، المنظر دراصل سنڌو نديءَ تي ڄامشوري وٽ جڙيل غلام محمد بيراج  ڀرسان هڪ ريسٽورنٽ جو نالو آهي، اها ريسٽورينٽ درياهه جي ڪپ تي هجڻ ڪري هڪ خوبصورت تفريح گاھه پڻ بڻيل آهي، المنظر وٽ سرسبز پارڪ، سنڌوءَ جو ڪنارو، درياهه جا دلڪش نظارا سياحن کي هر وقت پاڻ ڏانهن ڇڪيندا رهن ٿا، درياهه سان گڏ ڪي بي فيڊر واهه جو خوبصورت نظارو پڻ من کي موھي وجھي ٿو. المنظر وٽان سنڌو جي ڪپ توڙي ڪراچي واھه ۾ بيٺل ملاحن جون ٻيڙيون ۽ تڙڳندڙ ٻار هن تفريحي پوائنٽ جي حسن ۾ اضافو ڪري ڇڏين ٿا، ڪنارن تي ڪنڍين سان مڇيون ماريندڙ شڪاري پڻ هتي جي فطري حسن ۾ گم ٿي ويندا آهن، هونئن ته سنڌو درياھه پڻ هن سونهن سبب سڄي دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو پر المنظر وٽان سنڌو نديءَ جو نظارو اهڙو ته پيارو هوندو آهي جو اهو نظارو ڏسڻ لاءِ درياهه جا ڪيئي ديوانا پري پري کان ڇڪجي اچن ٿا، نم ۽ ٽالهي جي وڏن وڻن ۽ پل جي دل لڀائيندڙ منظرن سان گڏ هتي ايندڙ سياحن کي هڪ ٻي ڳالهھ به المنظرڏانهن خود ساختا طور ڇڪي اچي ٿي. جي ها! المنظر جو پلو ڏيهان ڏيهھ مشهور آهي، جنهن کي کائڻ لاءِ پري پري جا ماڻهو المنظر تي ڇڪجي اچن ٿا، هتي جا مقامي ملاح پلي ترڻ جا ماهر ڪاريگر آهن، هتي اچي سنڌو جي ڪپ تي تريل پلو کائڻ جو ته مزو ئي پنهنجو آهي پر جيڪڏهن من اندر جو ڪو ساٿي يا ھمفسر ساڻ ھجي ته رومانوي مزو پڻ اچي ٿو، شايد اھو سبب آھي جو اڪثر ماڻهو هتان ٺهيل پلو پيڪ ڪرائي کڻي به ويندا آهن. پر ھاڻي رمانوي نظارن واري المنظر کي اوچتو الائي ڪهڙي نظر لڳي وئي.  ڄامشوري جي سنڌو ڪناري تي ساھه ۾ سانڍڻ جهڙي ننڍڙي پر خوبصورت ماڳ المنظر کي رومانوي ماڳ طور ليکيو وڃي ٿو، جتي ڪيترن ئي دلين جو ميلاپ ٿئي ٿو، جتي جي وڻن جي ٿڙن تي وڇوڙن جا ورلاپ به لکيل آهن، جڏهن  به سنڌ يونيورسٽي ۽ ڄامشوري جو ذڪر ٿئي تڏهن المنظر جي نظارن جي ڳالهه نه ٿئي اهو ممڪن ئي ناهي، پر هاڻي محبتن جي هن ماڳ کي لڳي ٿو ته ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي، ايئن لڳي ٿو پيار تي هاڻ پابنديون لڳي ويون آهن، ان ڪري هاڻ هتي ايندڙ ويندڙ جوڙا فقط وڇوڙن جا گيت ڳائين ٿا، سنڌو جي ڪناري تي قائم هي هوٽل  1960ع  ڌاري تعمير ٿي، 1980ع کان وٺي هن هوٽل کي خدا بخش ميرجت نالي هڪ همراهه سنڀاليندو اچي ٿو، هونئن ته سنڌ جي مختلف شهرن جا ماڻهو هن ماڳ تي گهمڻ لاءِ اڃا به ايندا آهن پر اڳ وارو اوج هاڻ باقي ناهي بچيو، ڪڏهن ته هي ماڳ ڪنهن ميلي جو ڏيک ڏيندو هو ۽ ڪيترائي جوڙا هن ماڳ تي محبتن جا وچن ورجائيندي سنڌو کي ساکي بڻائي گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جا قسم کائيندا هئا پر هاڻ جڏهن هي ماڳ ويرانين جي ور چڙهي ويو آهي تڏهن هن ماڳ تي تمام ٿورا ماڻهو اچن ٿا،  پاڻيءَ جي کوٽ سبب هاڻ ”پلو“ به اڻلڀ بڻجي ويو آهي، ڪو وقت اهڙو به هو جو ملاح ”پلو“ماريندا هئا ۽ پوءِ هتان جو ”پلو“ دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو هو پر هاڻ جڏهن پاڻيءَ جي کوٽ سنڌو درياهه کي ئي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي تڏهن پلو به تمام گهٽ ملي ٿو. المنظر ته اهڙو خوبصورت ماڳ آهي جنهن سان ماڻهن جون انيڪ يادون لاڳاپيل آهن، جن کي شايد ڪنهن ماڻهون جو من وساري سگهي، هن ماڳ جي ڀرسان ڳوٺ سائين ڏنو ملاح پڻ آهي، جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ملاحن جا گهر آهن، اهي ملاح مڇي ماري پيٽ گُذر ڪندا آهن، جڏهن ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب ملاحن جو جياپو ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪيترن ملاحن ته  متبادل روزگار به ڳولي ورتو آهي پر اڪثر ملاح اڄ به مڇي ماري پيٽ پالين ٿا، هتي جا ڪيترائي ملاح سنڌو درياهه ۾ ٻڏي ويندڙ ماڻهن جي لاشن جي ڳولا به ڪن ٿا پر حڪومت انهن جي ڪابه واهر نٿي ڪري. هن ماڳ وٽ سال ۾ تقريبن 50 کان مٿي ماڻهو سنڌو درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿين ٿا، جن مان اڪثريت نوجوانن جي هوندي آهي، ڪجهه ماڻهو محبت ۾ ناڪامي يا وري زندگيءَ کان تنگ ٿي آپگهات به ڪندا آهن. هتي موجود ملاح آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ۽ ترڻ دوران ٻُڏي ويندڙ ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌو درياهه ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو