188

خيرپور، کارڪون، واپاري ۽ مُودي..!!

ليکڪ: معصوم سنديلو

خيرپور جو تعارف ته کجي آهي پر آبادگار مُفلس ۽ ڪنگال، ته ٺيڪيدار وري ڪڏهن ڀري ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، پر اصل مزي ۾ اُهي آهن، جن ٺيڪيدارن ۽ آبادگارن کي قرضن هيٺ آڻي سندن مثلِ مُفت مال، دلِ بيرحم ٿي پئي کاڌو آهي، اِهي  آبادگار ۽ ٺيڪيدار جي کل لاهڻ وقت مودي جو ايئن ته پيا احوال اوريندا آهن ڄڻ اِهو سندن گهر ڀاتي هُجي!، اسان کي احوال ملڻ کان بس ڪجهه لمحا اڳ ئي ايئن لکائيندا آهن ته ڄڻ مودي کي قيمتي مشورا ڏئي ۽ بارڊر کولڻ جون منٿون ڪري ٿڪا آهن ۽ پوءِ جنهن ڇوهاري جو واپار سکر جي واپارين چواڻي پاڪ هند ڇڪتاڻ سبب بند آهي ان کي خريد ڪرڻ جي مهرباني ڪري اگهه ايترو ته ڪيرائي ڇڏين ٿا جو آبادگار سنئون نه ٿو ٿئي ۽ ٺيڪيدار ته ڪجهه سالن کان آمدني جا اُهي مزا به نه پيو وٺي جيڪي کيس ٺيڪيداري تي مجبور ڪن ٿا تنهن ڪري خيرپور جي آبادگار اصيل جون جهتون ڪڍي روڊ رستن سان سٽي ڇڏيون آهن يا وري انهن جهتن سان پنهنجا کاما ۽ ڍوريون ڀري رهيا آهن، انهي صورتحال جي پيشِ نظر ڪنگري تعلقي ۾ پيوندي انب ويهارڻ جو رُجحان تيز ته ٿي رهيو آهي جيڪو اڳي ساريون گهڻيون ٿيڻ ۽ سيڪ کي تلف ڪرڻ جو ٽيوب ويلنگ سسٽم ناڪاره هجڻ سبب ڄڻ ته رنڊيل هو پر سيد قائم علي شاهه جي وڏ وزارت جي آخري دور ۾ خيرپور گهڻو ڪجهه سائين جي اعليٰ ظرفي ۽ علائقي جي فلاح بهبود واري سندس جذبي سبب حاصل ڪيو جنهن ۾ ادنيٰ ڪارنامو جنهن خيرپور جي زرعي معيشت ۾ ساهه ڦوڪيو، اهو سارين تي بندش جو هو، پر هيل ان جي ڀڃڪڙي جا اطلاع به ملي رهيا آهن ڪيترن ئي آبادگارن سارين جا ٽڪرا ڪاهڻ لاءِ ٻج پوکي ڇڏيا آهن ۽ اهڙي ريت ڪيترائي سال خيرپور جنهن سيڪ جو مقابلو ساريءَ کي ڪڍي ڪيو، سو وري ساري جي سيڪ هيٺ اچي اسرندڙ زراعت ۽ خاص ڪري باغن کي پوئتي ڪري سگهي ٿو خير اسان جو موضوع خيرپور جو ڪڪڙو سون اصيل کجي آهي، جنهن جي لکين ايڪڙن تي ڪمرشل پيداوار باوجود خيرپور ۾ کجي مالڪ مفلسيءَ مان جند نه ڇڏائي سگهيو آهي، کارڪ جي سيل دشوار هجڻ سبب مقامي ماڻهو انهي روزيءَ سان گهڻي وچڙ نه ٿو ڪري تنهنڪري غوثپور، ڪرمپور، تنگواڻي، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ ٻين علائقن جا لکين پورهيت خيرپور اچي تتل ڏينهن ۾ پنهنجي محنت ۽ مشقت سان باغاين کي ڪڪڙو سون کجين مان لاهي پڙ تي پٿاري ڏيڻ  ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ٿو، پر هيل عيد ۽ کجين جي واڍي گڏجڻ سبب باغاين کي ٻاهرين ليبر سندن طلب مطابق هن وقت تائين ميسر ناهي، ڪجهه باغاين جو چوڻ آهي ته ٻاهرين ليبر لاءِ عيد جو گهر ۾ ڪرڻ ڪو اشو ناهي، اصل مسئلو سارين جو رونبو نه اُڪلي سگهڻ آهي جنهن ڪري هن سال وڏن باغاين کي ٻاهر جي مشقت ملڻ ۾ ڏکيائي  پيش اچي رهي آهي، جڏهن ته وڏن باغاين کجين جي خاص ۽ خيرپور جي سڃاڻپ اصيل کجيءَ ۾ واڍي به شروع ڪري ڇڏي آهي پر يقينن هي اڃان شروعات آهي ۽ مٿان وري موسميات کاتي جي مينهن وسڻ واري اڳڪٿي به ڪنن تي پئجي رهي آهي تنهن ڪري دعا آهي ته هيل خيرپور جو واپاري، آبادگار، باغائي، ڪاروباري ۽ مزدور طبقو هن ڪڪڙي سون جي نعمت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري خيرپور جي خوشحالي ۾ پنهنجو هٿ ونڊائي پر اسان کي حيرت آهي ته انڊيا جو تماڪ، پن ۽ پان واري پتي سميت سوپاريون ۽ گُٽڪا ته اسان وٽ پهچي وڃن ٿا پر اسان جو ڇوهارو ۽ کارڪون انڊيا پهچڻ لاءِ ابتي اڏام رکن ٿيون جيئن مشهور آهي ته مريم جو ٽنڊي آدم وارو پنڌ ان ڪري نه پئي اُڪليو جو هُوءَ ابتي طرف گامزن هئي وفاقي حڪومت کي پرزور اپيل آهي ته خيرپور جي کارڪ ۽ ڇوهاري کي وڏي ڪاروباري هدف طور اختيار ڪري ۽ ان لاءِ کيس گهرجي ته ڀارت سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ جا قدم کڻي، هن حڪومت جنهن ملڪ کي بُک، بدحالي، خوف، بدامني ۽ بيمارين جا تحفا ڏنا آهن، اِن حڪومت اسان جي مُني صديءَ تائين ڀارت سان ڪشمير معاملي تي جيڪا سفارتي، اخلاقي ۽ قانوني برتري هئي تنهن کي به خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي ۽ ڀارت جنهن کي مني صدي جي عرصي تائين اها جرئت نه ٿي هئي ته اهو ڪشمير کي صوبي طور پاڻ ۾ ضم ڪري ۽ وري پاڪستان کي ڪو به پرين پيارو ايئن اڪيلو ڇڏي جيئن هاڻي آهيون ته ائين اڳي نه ٿيو آهي پر پر هاڻي ڪپتان جي حڪومت ۾ پاڪستان کي ان شڪست جو به منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن لاءِ بهتر آهي ته تڪرارن کي صدين تائين اينگهائڻ بدران ان کي حل ڪرڻ جون يقيني ۽ تيز تر راهون تلاش ڪن، نفرتن کي ختم ڪري هڪٻئي جي مارڪيٽس ۾ پنهنجي ايمانداري ۽ سچائي مڃائين خير طاقتون ته ائين ئي ڪنديون آهن پر اسان جو مطالبو ته ڪشمير کان آسان آهي ته وري ڪي نوان ٺاهه ڪري ڪي بارڊر کولجن ته جيئن انسان ۽ تجارتي سامان هڪٻئي جي منڊين تائين پهچائي سگهڻ ممڪن ٿئي، وزير اعظم۽ سندس سياسي لڏي کي گذارش آهي ته خيرپور جيڪو کجيءَ جي حوالي سان پاڪستان جي ايشيا ۾ وڏي سڃاڻپ آهي تنهن کي بدحالي کان بچائڻ لاءِ ڀارت سان تجارتي وهنوار جا موقعا تلاش ڪري يا وري روانگي واپار جي پيچيدگين کي گهٽائي آسان ڪري کجين جي باغائين ۽ آبادگارن کي قرض فراهم ڪري پنهنجي پيرن تي بيهاري کين ڏيساور جي منڊين تائين رسايو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي اپت جو سٺو مُلهه وٺي سگهن، سنڌ حڪومت جيتوڻيڪ مودي سان واپار کولڻ لاءِ سڌا قدم نه ٿي کڻي سگهي پر کيس مرڪزي حڪومت سان اهڙي لکپڙهه ڪري اهڙو مطالبو ڪرڻ گهرجي ته خيرپور جي کارڪ ۽ ڇوهاري کي سرڪاري سطح تي جيئن ڪڻڪ خريد ڪبي آهي تيئن خريد ڪيو وڃي ۽ خيرپور ۾ کارڪن جي پروسيسنگ لاءِ ملٽاءِ  نيشنل ڪمپنين کي ترغيب ڏني وڃي ته جيئن کارڪ خوشحالي جو نغمو بڻجي نه رڳو خيرپور واسين پر ملڪ جي به قسمت بدلائي سگهي.!

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو