ليکڪ: طفيل مگسي
ان تبديلي جي نتيجي ۾ باغي فوج ۾ شامل ٿيندڙ فوجي ميمبر برگيڊ انقلاب کانپوءِ جي برگيڊ مليشيا ۽ مختلف هٿياربند گروپ جنهن ۾ عام ڪارڪن، شاگرد ۽ ڪافي ٻيا ماڻھو شامل هئا منحرف ٿي ويا، حڪومت جي خلاف ٺاھيل هٿياربند گروپ ۽ ٻيا بعد ۾ سيڪيورٽي جي مقصدن جي لاءِ تيار ٿيا، انهن ۾ ڪي قبائلي بيعت تي ٻڌل هئا، ملڪ جي مختلف حصن ۾ قائم ٿيندڙ گروپ پنهنجي فردن جو انگ، صلاحيت ۽ اثر رسوخ ۾ ڪافي مختلف هئا، اهي هڪ جسم جيان متحد نه هئا. پاسداران برگيڊ .هنرمند ۽ تجربيڪار جنگجوئن ھٿيارن جي اڪثريت حاصل ڪئي، ڪجهھ مليشائون پر تشدد انتها پسند سرگرمين جي شڪل ۾ تيار ٿيون، جيڪي تحفظ فراهم ڪرڻ واري برگيڊ کان مختلف هيون،لبيا جي پهرين گهرو ويڙھ کانپوءِ تشدد ۾ مختلف گروپ شامل هئا جن قذافي جي خلاف جنگ وڙھي هئي، پر آڪٽومبر 2011ع ۾ جنگ ختم ٿيڻ تي هنن هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پوءِ حڪومت جي وفادار ۽ مخالف قوتن جي وچ ۾ جهڙپون تيز ٿي ويون.اڳتي هلي انهن هٿياربندن جي گروپن جي انگ سان منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي وقتي ڪائونسل سمورن هٿياربند گروپن کي وزارت دفاع ۾ پنهنجو نالو لکرائڻ ۽ متحد ٿيڻ جو حڪم ڪيو، ان ريت ڪافي هٿياربند گروپن کي حڪومت طرفان پگهار ملڻ لڳي، ان سان ڪافي هٿياربند گروپن کي قانوني حيثيت ملي، جنهن ۾ جنرل حفتر به شامل هو، جنهن پنهنجو هٿياربند گروپ لبين نيشنل آرمي جي طور تي رجسٽرڊ ڪرايو هو، ان دوران 11ڊسمبر 2012ع ۾ القاعده سان لاڳاپيل ويڙهاڪن بن غازي ۾ آمريڪي قونصل خاني تي حملو ڪيو ۽ آمريڪي سفير ۽ ٽن ٻين فردن کي ماري ڇڏيو ،ته اڌ قانوني مليشائن تي طوفان برپا ٿيو، غير منظور ٿيل مليشائن خلاف وڏي پيماني تي حڪومت جي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ لبيا جي فوج ڪيترن ئي غير قانوني مليشائن جي آفيسن تي ڇاپا هنيا ۽ حڪومت کين ختم ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو، جيڪو تشدد نيٺ لبيا جي گهرو ويڙھ جو سبب بڻيو، ٻي گهرو ويڙھ اصل ۾ مخالف گروپن جي وچ ۾ اھا جنگ هئي، جنهن جو مقصد وڌ کان وڌ علائقن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ھو، اهو جهيڙو ايوان ۾ موجود گروپن جي وچ ۾ رهيو آھي، ياد رهي ته ان ايون جي ذريعي جيڪا حڪومت ملي ان کي توبرڪ حڪومت سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي 2014ع ۾ نهايت گهٽ ٽرن آئوٽ وارين چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار حوالي ڪيو ويو هو ۽ ان وقت ان کي عوامي سطح تي لبيا جي حڪومت جي طور تي تسليم ڪيو ويو هو، ٻئي پاسي جي اين اي جو قيام عمل ۾ آيو هو ۽ جنرل نيشنل ڪانگريس جي مخالف اسلام پسند حڪومت ٺھي چڪي هئي، جنهن کي قومي ڇوٽڪاري جي حڪومت ڪوٺيو وڃي ٿو ان هوندي ڊسمبر 2015ع ۾ انهن ٻنهي ڌڙن قومي معاهدي جي تحت متحد ٿيڻ تي اصولي طور تي اتفاق ڪري ورتو هو، جيتوڻيڪ هاڻي لبيا ۾ قومي معاهدي تحت قائم ٿيل حڪومت ڪم ڪري رهي آھي ۽ ان کي اقوام متحده جي حمايت حاصل آھي پر ان جو اختيار اڃا به چٽوناهي، ڇاڪاڻ ته ڌرين جي لاءِ قابل قبول تفصيل تي مڪمل اتفاق ناهي ٿيو، اوڀر لبيا جي مضبوط ترين جنرل حفتر لبين آرمي سان وفاداري رکندو هو ۽ ان کي مصر ۽ عرب امارات جي حمايت حاصل هئي، اولهه لبيا ۾ سڀ کان مضبوط جي اين سي جي اسلام پسند حڪومت 2014ع جي چونڊن وارن نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ ان جي قيادت اخوان المسلمين ڪئي هئي، ان جي حمايت ڪشادي اسلامي ارحاد لبيا ڊان ۽ مليشائن پڻ ڪئي جنهن کي قطر، سوڊان ۽ ترڪي جي مدد حاصل هئي ان کانسواءِ ھتي ننڍڙا ننڍڙا دشمن گروپ به آھن، ان هوندي 2015 ع کانپوءِ اتي ڪافي سياسي رواداري قائم ٿي، اقوام متحده ڊسمبر 2015ع ۾ جنگ بندي جي شروعات ڪئي. ۽ اليڪشن مارچ 2016ع ۾ اقوام متحده جي حمايت يافتا نئين اتحادي حڪومت جا اڳواڻ طرابلس پهتا،5 اپريل ۾ مغربي لبيا ۾ اسلام پسند حڪومت اعلان ڪيو ته هو پنهنجون ڪاروايون ختم ڪري رهي آھي ۽ نئين اتحادي حڪومت کي اقتدار حوالي ڪري رهي آھي، پوءِ 2 جولاءِ تي مخالف اڳواڻن لبيا جي نيشنل آئل ڪارپوريشن ( اين اوسي) جي اوڀرين مغربي انتظامن کي ٻيھر متحد ڪرڻ جي لاءِ معاهدو ڪيو پر جنرل حفتر جي گروپ جا رستا الڳ ٿي ويا، پر بعد ۾ جنرل حفتر جي گروپ ۽ اين اوسي تيل جي پيداوار ۽ برآمدات جي واڌاري لاءِ ھڪ معاهدو ڪيو ۽ لبيا جا سمورا وڏا ٽرمينلز جنوري2017ع کان ٻيھر ڪم ڪرڻ لڳا، ڊسمبر 2017ع ۾ لبيا جي قومي فوج ٽن سالن جي ويڙھ کانپوءِ بن غازي تي حملو ڪري ورتو هو، فيبروري 2019ع ۾ ايل اين سي ڊگهي ويڙھ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي هئي، ان کانپوءِ ايل اين اي اپريل 2019ع ۾ طرابلس تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش تحت وڏو حملو شروع ڪيو 5 جون 2020ع ۾ ايل اين اي گادي جي هنڌ طرابلس سميت سڄي اوڀر لبيا تي قبضو ڪري ورتو، 21آگسٽ تي جي اين اي ۽ ايل اين اي جنگ بندي تي راضي ٿي ويا پر ايل اين اي جي فيلڊ مارشل لا خليفي حفتر جنگ بندي کي رد ڪري ڇڏيو هو، ٻئي پاسي آگسٽ 2020ع ملڪ ۾ بدامني ختم ڪرڻ جي لاءِ طرابلس جي رستن تي احتجاجي مظاهرا ٿيا هئا ڪي سياسي تجزيي نگار لبيا جي صورتحال کي شام جي صورتحال سان ڀيٽ ڏين ٿا ڇوته اتي به عالمي طاقتون رياست جو مستقبل طئي ڪري رهيون آھن، لبيا ۾ پراڪسي جنگ ڪيترن ئي سببن کان شام ۾ ھلندڙ پراڪسي جنگ جو تسلسل لڳي ٿي.ترڪي، قطر ۽ اٽلي ان جنگ ۾ فائز سراج جي عالمي حمايت يافتا لبيائي حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيا آهن جنهن جو تخت طرابلس آھي فائز سراج جي حڪومت فيلڊ مارشل حفتر جي لبيين نيشنل آرمي جو مقابلو ڪري رهي آھي، جنهن جو ڳڙھ اوڀر لبيا جو شھر بن غازي آھي، حفتر کي روس، متحده ارب امارات ۽ مصر جي حمايت حاصل آھي، ان کان سواءِ فرانس، جرمني ۽ ڪجهه نيٽو جا ميمبر ملڪ لبيا ۾ روسي فوجين جي حمايت ڪري رهيا آهن، جنرل حفتر سان گڏ وڙھڻ وارين روسي فوجين جو تعلق پيوٽن جي ويجهي ساٿي جي گروپ سان آھي، جيڪو شام ۾ به وڙھي چڪو آھي، باوجود ان جي ويجهڙائي ۾ ڪوٺايل برلن ڪانفرنس ۾ اهڙي معاهدي ٿيڻ جو امڪان آھي ته جنهن جي بنياد تي ايندڙ وقت ۾ اتان کان غيرملڪي فوجين جي واپسي شروع ٿيندي ۽ جهڙي ريت ترڪي سان لاڳاپيل فوجون نڪرنديون .ساڳئي ريت روس سان لاڳاپيل فوجيون به نڪرنديون ۽ اھڙي حالت ۾ اميد ڪري سگهجي ٿي ٿه اتي ڊسمبر ۾ ٿيندڙ چونڊون ملڪ ۾ نئين دور جي شروعات جو سبب بڻجنديو.