ليکڪ: درياءُ خان جهتيال
سنڌ! ڄَڻ ته هڪ حادثو بڻجي وئي آهي، روزاني ڪنهن نه ڪنهن ريت مائرن جو جهوليون خالي ٿين پيون، ڀينرن جي ڀائرن جا روح پرواز ٿين پيا، پيئرن جا سهارا ڇڄن پيا، ونين جا وَر اهڙي پَنڌ وڃن ٿا جتان ڪير ناهي موٽيو، ڳڀرو جوان مِٽيءَ سان اڻ مندائتا ملن پيا، هر ڏينهن سنڌ رت جا ڳوڙها روئيندي رهي ٿي، واقعن، جهيڙن، تڪرارن، حادثن سنڌ کي رت جا ڳوڙها روئاريا آهن، اهو ڏينهن نصيبن وارو هوندو جنهن ڏينهن سنڌ جي جهولي ۾ ڪو لاش نه پيو هوندو، ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا آهن جن گهرن جا گهر ۽ برادريون اجاڙي ڇڏيون آهن پر سياست جي وَر چڙهيل سنڌ ۾ غريبن ۽ پورهيتن کي ته انسان ئي ناهي سمجهيو ويندو ان لاءِ انهن ڏانهن حڪومتي ماڻهو لَڙي ناهن ويندا، ها باقي ”مذمت“ ۽ ”دلي صدمي“ جا بيان تيزي سان جاري ڪيا ويندا آهن، آئون هتي ان واقعي جو ذڪر پيو ڪيان جيڪو خضدار ڀرسان پيش آيو، خضدار ڀرسان ونگو چاڙهي وٽ بهلونڪ ٿاڻي جي حد ۾ ڇهين جون تي هڪ مهينو اڳ درگاهه وَڍَ شريف کان موٽندڙ دادو ضلعي جي زائرين جي بس روڊ کان هيٺ لهي هڪ پٿريلي کاهيءَ ۾ ڪري پئي، يارهين جون تي فجر جو ساڍي چئين وڳي پيش آيل بس حادثي ۾ 22 زائرين شهيد ٿي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، حادثي جي اطلاع تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پهچي ويا، ايتري ۾ خضدار ضلعي جي پوري انتظاميا ايمرجنسي لڳائي ڇڏي، زخمين کي ويجهي اسپتال ۾ علاج، گهڻن زخمين کي ٻين اسپتالن ڏانهن خانگي، سرڪاري گاڏين ۽ هيليڪاٽرن ذريعي راونو ڪرڻ، ايڌي وسيلي لاشن کي ڪفن ڏيڻ جو سلسلو تيزي سان شروع ٿي ويو، فجر کان ٻئي ڏينهن تائين اتان جي ضلعي انتظاميا ذميواري سان نڀايو ۽ انسانيت خاطر وس آهر خدمت ڪئي، شهادتون ته نصيب ۾ هيون پر انتظاميا حادثي جي زخمين کي فوري علاج ڏئي وڌيڪ فوتگين کان بچايو، خضدار واقعي تي گهرائي سان نٿا لکون پر نشاندهي ڪرڻ لاءِ اهو لکڻ ضروري آهي ته بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ سنڌ جي ضلعي دادو واسين سان واقعو پيش آيو، جنهن ۾ شهيد ۽ زخمي دادو ۽ جوهي تعلقي جا رهواسي هئا، زخمي به ضلعي جي مختلف ڳوٺن جا هئا، پر دادو ضلعي جا ”چونڊيل“ نمائندا، ضلعي ۽ تعلقن جا ڪامورا توڙي صوبائي حڪومت جو ڪوبه ڪارندو واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن وٽ عذرخواهي ۽ زخمين جي عيادت لاءِ نه پهتو، 2 ڏينهن اڳ پ پ ايم اين رفيق جمالي شهيدن جي وارثن سان تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي آهي، ان واقعي ۾ هڪ گهر جا 5 ڀاتي شهيد ٿيا ۽ ٻئي گهر جا 2 ڀاتي شهيد ٿيا، نوجوان ۽ پيرسن شهيد ٿيا. افسوس ان لاءِ به آهي ته ضلعي جا نمائندا ۽ ڪامورا ”فوٽو سيشن“ ڪرائڻ جهڙا به ناهن رهيا جو همدردي خاطر اهو ڪري سگهن ها، بلوچستان صوبي جي خضدار جي ضلعي انتظاميا لاش دادو ڏانهن کڻي اچڻ لاءِ اي سي واريون ايمبولينسز ڏنيون جنهن جو ڪو به ڀاڙو نه ورتو ويو، اڃا به بلوچستان حڪومت ۽ خضدار ضلعي انتظاميا شهيدن ۽ زخمين جي وارثن سان رابطي ۾ آهي ۽ مالي مدد سان گڏ اخلاقي مدد ڪري پئي، يارهين جون 2021ع تي پيشل آيل واقعو دادو ضلعي جو وڏو واقعو هو، جنهن لاءِ ”ڪارو ڏينهن“چئجي ته به گهٽ آهي، پر ايڏي وڏي المناڪ واقعي ضلعي جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن جي پت وائکي ڪئي، سنڌ حڪومت جا اعلان به رڳو اعلان رهيا، مدد ته پري جي ڳالهه وزيرن، صلاحڪارن، سينيٽرن مان ڪير به شهيدن جي تڏي تي لڙي نه آيو، خضدار واقعي جا زخمي اڄ به انتظار ۾ آهن ته سندن مفلوج ٿيل زندگيون ٻيهر بحال ٿين ۽ شهيدن جا وارث جن جي گهرن جا ڪمائيندڙ ڪونڌر حادثي جي نظر ٿي ويا آهن، انهن جون اکيون به واهر لاءِ واجهائي رهيون آهن، هونئن جيڪڏهن ڪير تڏي تي نه ايندو ته ان سان شهيدن تي ڪو به اثر نه پوندو، نه ئي وري انهن جي اچڻ سان اهي شهيد موٽي ايندا پر بنيادي طور تي اسان جي سنڌ جي روايت آهي ته پنهنجن سان ڏک توڙي خوشين ۾ برابر جا شريڪ ٿيڻ لاءِ اچي مڙي مٺ ٿبو آهي. خوشيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو مصروفيت سبب نٿو پهچي ته خير آهي پر جيڪڏهن ڏک ۾ ڪو ڏک ڀائي نه ٿئي ۽ خاص ڪري اهو ماڻهو جنهن کي عوام چونڊي اسيمبلي تائين پهچايو آهي نه اچي ته شايد ڏک وڌيڪ ٿئي ٿو، هونئن به ڏک پنهنجن جو ئي ٿيندو آهي، ڌارين جو ناهي ٿيندو، ان ڪري هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن شهيدن جي بي رونق ٿيل گهرن ڏانهن زندگي موٽائجي، جياپو موٽائجي، خوشيون ته هاڻ شايد ورهين کانپوءِ انهن کي نصيب ٿين پر گهٽ ۾ گهٽ انهن جي واهر ڪري انهن جا اهنج گهٽائي سگهجن ٿا، ان ڪري سنڌ حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن کي اها اپيل آهي ته اعلانيل مدد جلد کان جلد فوتين جي وارثن ۽ زخمين تائين پهچائي وڃي جيئن هو وري پنهنجي زندگي ۽ روز مرهه جي ڪاروبار ۾ واپس اچي سگهن.