ليکڪ: جاويد احمد شيخ
زمين نظام شمسي ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته زمين اهو واحد سيارو آهي جنهن تي زندگي موجود آهي، خلا کان انتهائي خوبصورت نظر ايندڙ زمين جتي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مختلف قسم جا جانور ۽ ٻوٽا پيدا ٿيندا رهيا آهن، وڏا وڏا جبل، گھاٽا ٻيلا ، سرسبز ساوا ميدان، وڏا وڏا وڻ ، رنگ برنگي گل ، چمڪندڙ آبشار، اڀرندڙ درياهه، خوبصورت پکي ۽ فطرت جا شاهڪار آهن، پاڪستان کي الله تعالي وڏا وڏا انعام ۽ قيمتي تحفا عطا ڪيا آھن. انسان جو فطرت سان هڪ گهرو ۽ انتهائي ويجهو تعلق آهي، جيڪڏهن صنعتي انقلاب اچڻ کان اڳ جي ڳالهه ڪريون ته انسان قدرت جي عطا ڪيل نعمتن کي ضرور استعمال ڪندو هو پر ان کي ان جي استحصال ڪرڻ ۽ نظام ۾ مداخلت ڪرڻ جي باري ۾کيس خيال نه آيو پر جئين جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن انسان جون ترجيحون ۽ رويا تبديل ٿيندا ويا، جڏهن انسان صنعتي ترقي جي لالچ ۾ اچي قدرت طرفان عطا ڪيل نعمتن کي ضايع ڪرڻ شروع ڪيو تڏهن ماحولياتي تبديلي کي ڳنڀير بڻائي ڇڏيو، دنيا جي آبادي ۾ ٿيندڙ اضافي جي ڪري مالياتي مسئلا وڌندا ويا، وڌندڙ آبادي کي رهائش، روزگار، غذا ۽ ٻين ضرورت جي شين جي پورائي لاءِ انسان سرسبز ٻيلن کي ڪٽڻ شروع ڪيو، برسات وسائڻ، آڪسيجن جي مقدار کي وڌائڻ ، فضا جي ماحول کي صاف رکڻ ، فضائي توازن کي برقرار رکڻ جا ذميوار ٻيلا ئي هوندا آھن، جڏهن ته جهنگلي جانور به ماحولياتي نظام جي لاءِ انتهائي ضروري هوندا آھن، ٻيلن جي ڪٽائي جي ڪري جهنگلي جانور پنهنجي پکڙا ڇڏي ڀڄي ويندا آھن ۽ پوءِ آھستي آھستي انهن جو نسل ختم ٿي ويندو آهي، ان ڪري اڄ پوري دنيا ۾ ناياب نسل جي جانورن جا نسل ختم ٿيڻ جي ويجهو ئي آھن، ڪيترين ئي دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوٽا به ختم ٿي رهيا آھن، زمين جو اٽڪل 30 سيڪڙو حصو ٻيلن تي ٻڌل آهي. گڏيل قومن جي مطابق هر سال دنيا ۾ 47 لک ملين کان وڌيڪ ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن، جيڪو ڊنمارڪ ملڪ جي ايراضي کان به وڏو علائقو آهي، ٻيلن جي ڪٽائي ماحولياتي گدلاڻ جو سڀ کان وڏو سبب آهي ڇاڪاڻ ته وڻن جو سڀ کان وڏو ۽ اهم ڪم ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪرڻ آهي، جيڪڏهن ٻيلن جي وڻن جي ڪٽائي ۽ ان جي وڪري کي بند نه ڪيو ويو ته دنيا ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جون عام زندگيون خطري ۾ پئجي وينديون. ٻيلن جي خاتمي قدرتي توازن کي به متاثر ڪيو آهي، جنهن جو نتيجو موسمياتي تبديليون اسانجي سامهون آھن، ماحول جي فضا جيڪا ڪنهن حد تائين صاف شفاف هوندي هئي اها هاڻي تمام گهڻي گدلي ۽ صحت لاءِ انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، ڏڪار، سوڪهڙي ۽ ٻوڏ جهڙا خطرناڪ مسئلا هاڻي عالمي مسئلا بڻجي چڪا آهن، سالن جا سال وڻن جي ڪٽائي کان پوءِ انسان هاڻي زندگي ۾ وڻن جي اهميت محسوس ڪرڻ شروع ڪئي آهي، هاڻي گڏيل قومون ۽ ٻيون مختلف عالمي تنظيمون ٻيلن، جهنگلي جيوت کي بچائڻ ۽ ماحول کي بحال ڪرائڻ تي ڌيان ڏئي رهيون آهن، ھاڻي پاڪستان حڪومت به 10بلين وڻن جي منصوبي تحت ( ٽين بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ ) تحت وڻ پوکڻ جي به همت افزائي ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهي آھي ، انهي سان گڏ ٻيلن جي حفاظت کي به يقيني بڻائي رهي آهي ۽ پڻ ٻيلن جي حفاظت ۽ انهن سارسڀنال تائين 85،000 کان وڌيڪ ”گرين نالي سان هزارين نوڪريون“ پيدا ڪيون آهن، جڏهن ته 5 هزار نوجوانن کي نيچر گارڊين جي نالي سان فطرت جي حفاظت لاءِ جي تربيت ڏني پئي وڃي، ان کان سواءِ ملڪ ۾ 15 نوان قومي پارڪ ٺاهيا پيا وڃن. وڻ پوکڻ جي اهميت ۽ ان جي حقيقت هاڻي عام ماڻهن تي به واضح ٿي چڪي آهي. دنيا ۾ وڻ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ پکين جو گهر آهن جڏهن ته 25 سيڪڙو دوائون وڻن مان ٺهيل هونديون آهن. ڪجهه ماهر وڻن جي اوچائي گهٽ ۾ گهٽ 3 کان 6 ميٽر تائين لازمي سمجهندا آهن. جڏهن اسان جي ملڪ ۾ وڻ پوکڻ جا بهترين مهينا فيبروري، مارچ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر آهن. جيئن ته ڪونو ، چنار ، پاپولر ۽ شيشم سان وڻ جلدي ۾ وڌندا آهن ، جڏهن ته ديودار ۽ ٻيا جبل جا وڻ پوکڻ ۾ وقت لڳندو آهي، جيڪڏهن توهان وٽ وڌيڪ جڳهه آهي ته ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڻ پوکيو.