166

سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن سبب وري سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ اسڪول بند…!!

ايڊيٽوريل

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ صوبي اندر خاص طور ڪراچي شهر ۾ ڪوروناوائرس جي وڌندڙ شرح کي نظر ۾ رکندي تفريحي ماڳن، انڊور ڊائننگ ۽ راندين جي سرگرمين سميت ڪلاس هڪ کان نائين تائين اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير چيو آهي ته جيڪڏهن ايس او پيز تي صحيح طريقي سان عمل نه ڪيو ويو ته وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾  وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي مجموعي تشخيصي شرح 7.4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ۽ ڪراچي ۾ 13 جولاءِ تائين شرح 17.11 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته 7 جولاءِ تي شهر جي تشخيصي شرح 11 جولائي تائين 11.98 سيڪڙو هئي ۽ ستن ڏينهن اندر اها شرح 17.11 سيڪڙو تائين پهچي وئي، هن وڌيڪ چيو ته صورتحال خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ جيڪڏهن ضروري قدم نه کنياسين ته پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، صحت واري سيڪريٽري ڪاظم جتوئي سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته 12 جولاءِ 2021 تائين صوبي ۾ ڪوروناوائرس جي ڇهن قسمن جا 365 ڪيس دريافت ڪيا ويا آهن جن ۾ برطانيا وائرس جا 95، ڏکڻ آفريڪا جا 162، برازيل جا 29، انڊيا جا 66، P-1(501Y.V.3)) جا ٽي ۽ هڪ وائلڊ ٽائيپ جا قسم شامل آهن، اجلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته جولاءِ ۾ ڪوروناوائرس جا  143 مريض فوت ٿي چڪا آهن جن مان 98 يعني 69 سيڪڙو وينٽيليٽرز تي هئا. 29 يعني 20 سيڪڙو وينٽيليٽرز تي نه هئا ۽ 16 يعني 11 سيڪڙو گهرن ۾ هئا، ان موقعي تي وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي وڏي وزير انڊور ڊائننگ، اسڪول ۾ ڪلاس هڪ کان وٺي ڪلاس نائين تائين، سڀئي تفريحي ماڳن سميت واٽر پارڪ، سي ويو، هاڪس بي، ڪينجهر، سوئمنگ پول، سينيمائون ۽ انڊور جمز سومر کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر اهي اسڪول جتي امتحان ٿي رهيا آهن اهي معمول موجب پنهنجو ڪم جاري رکندا، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايندڙ سومر تي صورتحال جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو ۽ جيڪڏهن ايس او پيز تي صحيح نموني سان عملدرآمد نه ڪيو ويو ته وڌيڪ سخت قدم کڻي سگهجن ٿا. ڪراچي جي انهن علائقن جتي ڪيس وڌيڪ آهن اتي سمارٽ لاڪ ڊائون پڻ لڳايو ويو آهي. اسان اڳ به اهي دانهون ڪري رهيا هئاسين ته جتي جتي ڪورونا جا وڌيڪ ڪيس آهن، اتي پابندين ۾ نرمي نه ڪئي وڃي ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي پر بدقسمتيءَ سان ائين نه ٿي سگهيو ۽ هاڻ وري ڪيس وڌي رهيا آهن، اسان سمجهون ٿا ته هن وقت به جلدي ۾ فيصلا ٿي رهيا آهن، جن ۾ سڄي صوبي ۾ اسڪول بند ڪرڻ وارو فيصلو به شامل آهي، اسان سمجهون ٿا ته ڪورونا سبب سنڌ جي تعليم کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، هڪ ته اسان وٽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سهولتن جي سخت کوٽ آهي ۽ آن لائن ڪلاس ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ هلڻ جو تصور به نه آهي، ان ڪري سڄي صوبي جا اسڪول بند ڪرڻ کان بهتر آهي ته جن علائقن ۾ ڪورونا جا وڌيڪ ڪيس هجن انهن مخصوص هنڌن تي اسڪول بند ڪيا وڃن، اسان جون ٻهراڙيون هونئن به ڪورونا ڪيسن کان 99 سيڪڙو محفوظ آهن، ننڍن شهرن ۾ به گهٽ ڪيس آهن، ان ڪري ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن سميت وڏن شهرن ۾ به اهڙن هنڌن تي اسڪول بند نه ڪيا وڃن جتي ڪيس نه آهن يا نه هجڻ جي برابر آهن، باقي جن علائقن ۾ ڪيس وڌيڪ آهن، اتي ئي مجبوري ۾ اسڪول بند ڪري سگهجن ٿا، باقي تفريحي ماڳن، هوٽلن ۾ انڊور ڊائننگ کي بند ٿيڻ گهرجي، اسان اڳ به اهو چيو هو ته تڪڙ ۾ انهن کي نه کوليو وڃي، هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت ڪراچي تي ڌيان ڏيڻ جي آهي، ڇو ته سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي ۾ رڪارڊ ٿي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو