برمنگهم(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته رانديگرن کي فيور ڏيڻ جو بحث ڪڏهن ختم نه ٿيندو، مصباح چيو ته شاداب خان ۽ فهيم اشرف ٽيم جو بيلنس ٺاهيندا آهن، ان لاءِ کيڏندا آهن،هڪ سولا جي جواب ۾ ڪو چ چيو ته انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ بطور ٽيم اسان مڪمل ناڪام وياسين، ڇو جو ڪيچ ڇڏيا ويندا ته نتيجا به اهڙا ئي نڪرندا،شڪست جي ذميواري اسان مٿان به اچي ٿي.
