تاشقند (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ ازبڪستان جي صدين پراڻي تاريخي، ثقافتي ۽ روحاني لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون، پاڪستان وچ ايشيا کي ٻين دنيا سان ڳنڍڻ ۽ واپار جو مهور بڻجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، پاڪستان ازبڪستان کي پنهنجي بندرگاهن ذريعي وچ اوڀر ۽ آفريقا تائين پهچ ڏئي سگهي ٿو، پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ واپار سان ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو، افغانستان ۾ پرامن سياسي حل جا خواهشمند آهيون، افغانستان ۾ امن خطي جي لاءِ اهم آهي، افغانستان ۾ حالتون بهتر ٿيڻ سان پاڪستان، افغانستان، ازبڪستان، ريلوي منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا 2021ع: علائقائي رابطن جا چئلينجز ۽ موقعا جي موضوع تي پاڪستان ازبڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته کيس ازبڪستان جي دوري سان دلي خوشي ٿي آهي. پاڪستان ۽ ازبڪستان جا تاريخي، ثقافتي ۽ روحاني رابطا آهن. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي عوام جا صديون پراڻا لاڳاپا آهن. ازبڪستان جي وزيراعظم ۽ ڪاروباري برادري کي خاطري ڪرايان ٿو ته اسان جا اهي لاڳاپا اڃا شروعات آهي، اسان پراميد آهيون ته اهي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. وزيراعظم چيو تهپ اڪستان ۾ هن دوري جي اهميت ۽ جوش جذبي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو جڏهن هو جهاز ۾ سوار ٿي رهيو هو ته وڏي انگ ۾ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سندس موبائيل فون تي دوري جي لاءِ نه گهرائڻ تي ڏک ڪري رهيا هئا. وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اسان ڪيترو جلدي هڪ ٻئي سان رابطي کي عملي طور تي فروغ ڏيون ٿا. افغانستان جي رستي ريلوي منصوبو پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻنهي ملڪن جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اهو منصوبو ازبڪستان کي پاڪستان جي 22 ڪروڙ ماڻهن سان ملائيندو ۽ پوءِ اسان جي بندرگاهن ذريعي آفريقا ۽ وچ اوڀر کان به اڳتي وڏين مارڪيٽن تائين پهچ جو موقعو ملندو ۽ پاڪستان ازبڪستان جي رستي وچ ايشيا سان ڳنڍجي ويندو جيڪو وچ ايشيا جي وڏي رياست آهي ۽ ازبڪستان اسان کي وچ ايشيا ۽ ان کان اڳتي تائين پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ازبڪستان جو صدر به پاڪستان سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو ۽ اهڙي طرح جي دلچسپي اسان جي به آهي ته افغانستان ۾ امن ٿئي ۽ اسان اتي سياسي حل جي لاءِ پراميد آهيون ڇو ته افغانستان جي رستي رابطي سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو. ڪاروباري طبقو ان مان فائدو کڻندو ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو. وزيراعظم چيو ته منهنجي شاگردي واري زماني ۾ جڏهن يورپي يونين قائم ٿي ته جيڪي ملڪ به يورپي يونين جو حصو بڻيا اتان جي ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيو. جڏهن پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌي ٿو ته ماڻهن جي زندگي جو معيار به بلند ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هي دورو اسان جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. اسان اميد ڪريون ٿا ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ڪاروباري برادري جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ملندو. ڪالهه ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري شعبن خاص طور تي ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ معاهدا ٿيا آهن. هن چيو ته جڏهن اهي رابطا وڌندا ته ان سان فضائي رابطا به وڌندا ۽ اسان ازبڪستان جي لاءِ اڏامن جو انگ وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم چيو ته سندس دوري جو هڪ وڏو مقصد اهو به آهي ته هو بخارا ۽ ثمرقند وڃڻ جو منتظر آهي. هن چيو ته تاريخ جي شاگرد جي حيثيت سان هو ازبڪستان جي تاريخ کان ازبڪستان جي ماڻهن کان به وڌيڪ واقفيت رکي ٿو. اسان پراميد آهيون ته افغانستان ۾ حالتون بهتر ٿيڻ سان ريلوي جا وڏا منصوبا اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ان کان اڳ ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله عارفوف چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا آهن. وزيراعظم عمران خان جي دوري دوران مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.
119