103

ڀارت سان ڳالهين جو رستو سرينگر کان ٿيندو وڃي ٿو: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهليءَ سان ڳالهين جو رستو سرينگر کان وڃي ٿو. پنهنجي هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن ڀارت جو رويو اهو ئي رهي ٿو ته جيڪو ڪشمير تي آهي ته ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون. افغانستان جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان جلد افغان قيادت جي اهم شخصيتن کي اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏيڻ وڃي رهيو آهي ته جيئن اسان گڏجي ڪري افغان امن عمل کي اڳيان وڌائي سگهون. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جو ڪردار ٽياڪڙي واري نوعيت جو آهي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ بنيادي ذميواري افغانين تي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي افغان صدر اشرف غني سان ملاقات سڀاڻي متوقع آهي. ازبڪستان جي صدر ڪنيڪٽوٽي ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ افغان صدر اشرف غني کي دعوت ڏني وئي آهي. هن چيو ته ازبڪستان سان ٽي اهم نوعيت جا معاهدا ٿيڻ وڃي رهيا آهن، اسان کي هڪ ليگل فريم ورڪ ملي ويندو ۽ اهي سهولتون جيڪا پهريان ميسر نه هيون اهي دستياب هونديون. انهن معاهدن سان پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو