اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مڪئي جي پيداوار ۾ گذريل مالي سال دوران 7.4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پاڪستان اڪنامڪ سروي 21-2020ع مطابق مالي سال 2020 ع جي پهرين 9 مهينن ۾ جولاءِ کان مارچ 2019_20 دوران مڪئي جي پيداوار 7.9 ملين ٽن رهي جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ جولاءِ کان مارچ 2020_21 دوران مڪئي جي پيداوار 8.5 ملين ٽن تائين وڌي وئي،اهڙي ريت مالي سال 2020 جي ڀيٽ ۾ گذريل مالي سال 2021 جي شروعاتي 9 مهينن دوران مڪئي جي قومي پيداوار ۾ 0.6 ملين ٽن يعني 7 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو.
