دبئي (ويب ڊيسڪ)گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ملڪي جيلن ۾ مختلف سزائن جي 855 قيدين جون باقي سزائون معاف ڪري انهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل عرب امارتن جي صدر پاران انساني همدردي جي بنياد تي کنيل ان قدم جو مقصد درگذر ڪرڻ واري روايت هيٺ قيدين کي زندگي جو نئون باب شروع ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي معاشري جو بهتر شهري ثابت ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪرڻ آهي.
