129

گڏيل عرب امارتن ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪليل مٽا سٽا واري ناڻي ۾ 8.9 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان ملڪ موڪليل مٽا سٽا واري ناڻي جي شرح ۾ گذريل مالي سال دوران 8.9 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل مالي سال دوران گڏيل عرب امارتن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن 6.114 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو جيڪو مالي سال 2020 جي ڀيٽ ۾ 8.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال 2020 ۾ يو اي اي ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 5.611 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو