193

وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي تاشقند پهچي ويو

تاشقند (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي تاشقند پهچي ويو. ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله آريپوف تاشقند ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي، وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ عاطف خان پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ واپار، معيشت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم جو ازبڪستان جو دورو علائقائي ٻطرفي واپار، علائقائي رابطن ۽ سيڪيورٽي جي ڏس ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفادن جي مختلف اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون. انهن ۾ مصنوعات جي چرپر، ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون، واپار، تعليم، ثقافت ۽ سياحت جهڙا شعبا شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو