197

وزيراعظم جو ازبڪستان جو دورو معاشي ۽ سڪييورٽي لحاظ کان انتهائي اهم آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم جو ازبڪستان جو دورو معاشي ۽ سڪييورٽي لحاظ کان انتهائي اهم آهي، ڪراچي کان تاشقند تائين ٽرين ۽ ٽرڪ سروس هن خطي کي هڪ ڏور ۾ ڳنڍي ڇڏيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هاڻي کان ڪجهه دير کانپوءِ وزيراعظم هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ازبڪستان روانو ٿي رهيو آهي. هي دورو معاشي ۽ سيڪيورٽي لحاظ کان تمام اهم آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته معاشي لحاظ کان ڪراچي کان تاشقند تائين ٽرين ۽ ٽرڪ سروس هن خطي کي هڪ ڏور ۾ ڳنڍي ڇڏيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو