اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پيٽرول 5 روپيا 40 پئسا۽ ڊيزل 2 روپيا 54 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم جي معاون خصوصي ان واڌ کي به عوام لاءِ ” ريليف“ قرار ڏنو آهي. لائيٽ ڊيزل جي هڪ لٽر جي اگهه ۾ هڪ روپيو 27 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ هڪ روپيو 39 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. جنهن کان پوءِ پيٽرول جو اگهه 112 روپيا 69 پئسن مان وڌي 118 روپيا 9 پئسا ٿي ويو آهي.، هاءِ اسپيڊ ديزل جو اگهه 113 روپيا 99 پئسن مان وڌي 116 روپيا 53 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي. نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ رات 12 وڳي کان انهن تي عمل به شروع ٿي ويو جڏهن ته ان کان اڳ خميس ڏينهن جيئن ئي شام ڌاري پيٽروليم جي اگهن ۾ ايتري وڏي واڌ جون خبرون ميڊيا ۾ آيون ته ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول پمپن تي تيل جو وڪرو اٽڪل 8 ڪلاڪن تائين بند ڪيو ويو ۽ رات 12 وڳي کان ئي نئين اگهه تي وڪرو شروع ڪيو ويو. اهڙي ريت وفاقي حڪومت گئس جي صارفين کي به نه وساريو آهي، ايل پي جي جي في ڪلو اگهه ۾ 5 روپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي. جنهن کان پوءِ ايل پي جي جو گهريلو سليندر 60 روپين جي واڌ ٿيڻ کان پوءِ 1950 روپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر 225 روپين جي واڌ ٿيڻ کان پوءِ 7 هزار 490 روپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اوگرا پيٽرول جي اگهه ۾ 11 روپيا40 پئسا واڌ جي تجويز ڏني پر وزيراعظم عوام جي مفاد ۾ رڳو 5 روپيا 40 پئسا وڌائڻ جي منظوري ڏني آهي. پيٽروليم جا اگهه اوگرا جي تجويز موجب نه وڌائڻ جي فيصلي ذريعي عوام کي ريليف ڏنو ويو آهي، ان جي نتيجي ۾ پوندڙ اضافي بار حڪومت پاڻ برداشت ڪندي. ٻي پاسي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري پڻ ٽويٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهه ۾ لاڳيتو واڌ جي ڪري حڪومت وٽ اگهن ۾ واڌ بنا ڪاواٽ نه هئي، پاڪستان ۾ اگهه خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وري به گهٽ ئي آهن.
179