129

پاڪستان ۽ ترڪي بين الاقوامي فورمز تي گڏ بيٺل آهن: فروغ نسيم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر فروغ نسيم چيو آهي ته ترڪي ۽ پاڪستان دنيا ۾ امن جي قيام ۾ شراڪتدار آهن، پاڪستان ۽ ترڪي ڀائر آهن، پاڪستان ۽ ترڪي بين الاقوامي فورمز تي گڏ بيٺل آهن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ترڪش ڪوآپريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ايجنسي ٽيڪا جي انتظام هيٺ ترڪي جي يوم جمهوريت ۽ قومي وحدت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ٻه ملڪ هڪ قوم آهن. پاڪستان ۽ ترڪي ڀائر آهن. پاڪستان جمهوريت جي بالادستيءَ جي جنگ ۾ ترڪيءَ جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي بين الاقوامي فورمز تي گڏ آهن. ترڪ ڀائر دهشتگرديءَ جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته جمهوريت جي جنگ ۾ سيڪڙن جي تعداد ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل ترڪ ڀائرن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته اسان جي سپريم ڪورٽ کي سلام آهي جنهن ترڪيءَ تي حملي ڪندڙ تنظيم جي اسڪولن جو نوٽيس ورتو ۽ سپريم ڪورٽ ترڪ تنظيم جي انتظام هيٺ اسڪول بند ڪرايا ۽ هي معارف فائونڊيشن حوالي ڪيا. ترڪ قوم جمهوريت لاءِ رستن تي نڪتي. ترڪي جي وزيراعظم رجب طيب اردوان ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جو دؤرو ڪيو. ترڪي ۽ پاڪستان سڄي دنيا ۾ امن جا شراڪتدار آهن. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير مصطفيٰ يرداڪل چيو ته پنج سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي ترڪ قوم جمهوريت لاءِ روڊن تي نڪتي ۽ چونڊيل نمائندن جو ساٿ ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو