177

اسان کي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪرڻو پوندو: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اسان کي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪرڻو پوندو، بهترين لينڊ اسڪيپ باوجود پاڪستان کي پاڻيءَ جي کوٽ جو چئلينج سامهون آهي، پاڪستان جهڙي زرعي معيشت لاءِ پاڻيءَ جي کوٽ جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. اسلام آباد ۾ پاڻيءَ جي چئلينجن بابت پاڪستان واٽر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جي مسئلو اصل سبب ڊيٽا نه هجڻ آهي، لاڳاپيل کاتن کي فوري طور ڊيٽا جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اسان کي واٽر مئنجمينٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاليسي جوڙڻي پوندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ بهترين جاءِ تي بڻايو آهي، شاخن تي ٽيلي ميٽرنگ لاءِ پائليٽ منصوبا شروع ڪيا ويندا، ڪٿي ڪيترو پاڻي استعمال ٿي رهيو آهي اسان وٽ ڊيٽا ناهي ان کي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور ڊيٽا تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزارت جي ذميداري سنڀالڻ کانپوءِ سي ڊي اي سان ڀائيواري ٿي آهي، پي سي آر ڊبليو آر ۽ سي ڊي اي مفاهمت جي يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون آهن. پاڪستان ۾ اُڀرندڙ پاڻي جي چئلينج جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو مسئلو منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، پاڪستان جي اُترين علائقن ۾ هماليه گليشيئر ۽ پاڻيءَ جا سڀ کان وڏا ذخيرا موجود آهن جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جي ميداني علائقن کي دنيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي سسٽم سان سيراب ڪيو ويندو آهي، ان قدرتي وسيلن باوجود اسان پاڻيءَ جي سنگين مسئلن ۽ ٻين چئلينجن جو مُنهن ڏسي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديليءَ جي رجحان پاڪستان کي دنيا جي سڀ کان ڪمزور ملڪن ۾ شامل ڪيو آهي، بحيثيت قوم اسان پاڪستان ۽ پاڻيءَ جي کوٽ طرف گامزن آهيون، ان ڳڻتيءَ واري صورتحال جي اها علامت آهي ته پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين سبب ساليانو تقريبن 27 هزار ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته پاڻي جي وسيلن بابت مضبوط ڊيٽا جي موجود نه هجڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، ان سان پاڻي جي وسيلن جو انتظام ۽ انتظاميه جي چئلينجن ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي آهي، پاڻي وسيلن جي انتظام مختلف شعبن ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن جن ۾ قومي ۽ بين الاقوامي تحقيقي ادارا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جون تنظيمون، بين الاقوامي ترقياتي ڀائيوار، اين جي اوز ۽ اڪيڊ شامل آهن. انهن سڀني جي ڪوششن باوجود پاڻيءَ جي انتظام جي شعبي ۾ پاليسيون ٺيڪ ناهن، ان صورتحال جي نتيجي ۾ پاڻي وسيلن جا پُراڻا چئلينج موجود آهي، پاڻي وسيلن جا نوان مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته ان پيچيده معاملي کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، بهتر منصوبا ۽ پاليسيون جوڙيون وينديون. وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي پيماني تي آبپاشي هوندي آهي، واٽر مئنجمينٽ تي ڪيئي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، شاخن ۾ سمارٽ ميٽرنگ سسٽم جو پائليٽ منصوبو شروع ڪنداسين. اسان کي واٽر مئنجمينٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ جامع پاليسي جوڙڻي پوندي. هن چيو ته پاڪستان پاڻيءَ جي کوٽ طرف وڌي رهيو آهي، پاڻي جي مسئلن جي اصل سبب ڊيٽا جو نه هجڻ آهي، مون فوري طور پاڻيءَ جو ڊيٽا تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اڄ جي ڪانفرنس پاڻيءَ جي مسئلن جي حل لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. پاڪستان ۾ يونيسڪو جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيٽر ايشيا ميڪفلپ، انٽرنيشنل واٽر مئنجمينٽ بورڊ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر محسن حفيظ، چيئرمين پي سي ار ڊبليو آر ڊاڪٽر محمد اشرف ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو