185

حڪومت حفاظتي ٽُڪن جي ڪوريج کي يقيني بڻائڻ لاءِ مؤثر قدم کڻي رهي آهي: ڊاڪٽر فيصل سلطان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي صحت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا وبا دوران ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا لڳايا آهن. هيلٿ ورڪرز بهترين انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، حفاظتي ٽُڪا لڳائڻ سان ٻار ڪيترن ئي بيمارين کان بچي ويندا آهن. اهڙو اظهار هن حفاظتي ٽُڪن جي ڪوريج جي سروي جي رپورٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته هر ٻار جو حفاظتي ٽُڪن جو ڪورس لازمي ڪرائڻو آهي. هن چيو ته حفاظتي ٽُڪن جي سروي مطابق پاڪستان ۾ 75.3 سيڪڙو ٻار حفاظتي ٽُڪن جو ڪورس مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته سروي جا نتيجا اسان کي مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ڏيندا. سروي ۾ شامل ٻارن جون عمرون 12 کان 30 مهينا هيون، سروي جا نتيجا اسان لاءِ تمام اهم آهن. هن چيو ته حفاظتي ٽُڪن جي ڪوريج کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت مؤثر قدم کڻي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو