176

حڪومت پائيدار ۽ جامع ناڻي واري اؤسر جي حاصلات لاءِ پُرعزم آهي، غربت جو خاتمو اولين ترجيح آهي: شوڪت ترين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت ملڪ کي جامع ۽ پائيدار اقتصادي ناڻي واري شرح جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، ان مقصد جي حاصلات لاءِ حڪومت اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي ڇتيءَ هيٺ ڊگهي مُدي واري منصوبا بندي ڪئي آهي ته جيئن مختلف شعبن ۾ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مُدي جي منصوبا بندي کي يقيني بڻائي سگهجي. غربت جو خاتمو اسان جو اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ مقرر جرمني جي سفير برنارڊ شلجڪ سان ملاقات دوران چئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن سالن کان گهڻ رُخي شعبن ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪيو آهي، پاڪستان ۽ جرمني واپار ۽ اقتصادي رابطن سان گڏ ملڪ جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ چاهين ٿا. جرمني جي سفير سمورين ڌُرين جي مشاورت سان نئين سال جي واپار ۽ سيڙپڪار دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي وفاقي وزير کي مبارڪباد ڏني. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ڪووڊ 19 جي عالمي وبا جي روشنيءَ ۾ واپار ۽ صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. حڪومت جو واحد مقصد روزگار جا موقعا وڌائڻ آهي ۽ صنعتي شعبي کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ آهي. هن چيو ته حڪومت عوام جي فلاح ۽ بهبود جي ايجنڊا تي سختيءَ سان عمل ڪري رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو