اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي صحت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2545 ڪورونا متاثر نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جي شرح 5.2 سيڪڙو رهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ ڪورونا متاثر مريضن جي شرح 19 سيڪڙو، پشاور ۾ 9.4 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 6.2 سيڪڙو، لاهور ۾ 3.8 سيڪڙو رهي. هن چيو ته ويڪسين لڳائڻ کانپوءِ به ماسڪ پائڻ، رشن وارين جاين کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي.
