لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم بورڊ لاڙڪاڻي يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن جو شيڊيول پڌرو ڪيو آهي. جاري ڪيل ٽائيم ٽيبل موجب انٽرميڊيٽ فريش اميدوارن جا امتحان 26 جولاءِ کان شروع ٿيندا جيڪي 29 جولاءِ تائين جاري رهندا. يارهين ڪلاس جا امتحان 30 جولاءِ کان شروع ٿيندا ۽ 3 آگسٽ تائين جاري رهندا. ان کان علاوه ٻارهين ڪلاس جي امپروو ڪندڙ، اڳوڻن ۽ گروپ تبديل ڪندڙ اميدوارن جا پيپر 4 آگسٽ کان 12 آگسٽ تائين هلندا. امتحانن لاءِ لاڙڪاڻي بورڊ سان لاڳاپيل تعليمي ادارن ۾ سينٽر مقرر ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ 33، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ 18، شڪارپور ضلعي ۾ 20، جيڪب آباد ضلعي ۾ 12، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي لاءِ 14 ۽ دادو ضلعي جي اميدوارن لاءِ 11 امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي ضلعي جي اميدوارن لاءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو سينٽر اي جو سينٽر گورنمينٽ ديني مدرسو هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي، ڊگري ڪاليج بي سينٽر گورنمينٽ ماڊل هاءِ اسڪول سچل ڪالوني لاڙڪاڻو، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو سينٽر سي بي ايس سي بلاڪ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، سينٽر ڊي پراڻي بلڊنگ، گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو، گورنمينٽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو، گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، گورنمينٽ گرلز انگلش ميڊيم هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول لاهوري محلو لاڙڪاڻو، بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڪاليج لاڙڪاڻو، گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول منور آباد، ڊگري ڪاليج رتوديرو سينٽر بي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول رتوديرو، هائير سيڪنڊري اسڪول بنگل ديرو، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول بنگل ديرو، هائير اسڪول ڌامراهه، ڊگري ڪاليج نئون ديرو، گرلز ڊگري ڪاليج نئون ديرو، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو، هائير سيڪنڊري اسڪول باقراڻي، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول خير محمد آريجا، هائير سيڪنڊري اسڪول ڳيريلو، سائنس ڪاليج ڏوڪري سينٽر اي، سائنس ڪاليج ڏوڪري بي، هاءِ اسڪول ڏوڪري ۾، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ڏوڪري، هائير سيڪنڊري اسڪول باڊھ، گرلز ڪاليج باڊهه ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. شهدادڪوٽ سينٽر اي لاءِ بوائز سنگل سيڪشن هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ، ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ، سينٽر بي لاءِ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ، سينٽر سي گرلز ڪاليج شهدادڪوٽ، سينٽر اي لاءِ گرلز سينگل سيڪشن هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ، گرلز ڪاليج شهدادڪوٽ سينٽر بي، هائير سيڪنڊري اسڪول قبو سعيد خان، ڪمپوزٽ ڊگري ڪاليج، ميرو خان لاءِ هاءِ اسڪول ميروخان، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ميرو خان، شاھ لطيف ڪاليج قمبر، سينٽر اي لاءِ هاءِ اسڪول باگو ديرو، شاھ لطيف ڪاليج قمبر سينٽر بي، شاھ لطيف ڪاليج قمبر سينٽر سي، لاءِ گورنمينٽ (پي) هاءِ اسڪول قمبر، گرلز ڪاليج قمبر سينٽر سي لاءِ گرلز هاءِ اسڪول قمبر، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هائير سيڪنڊري اسڪول وڳڻ، هائير سيڪنڊري اسڪول خيرپور جوسو، ڊگري ڪاليج نصيرآباد، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول نصير آباد، هائير سيڪنڊري اسڪول وارھ ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. شڪارپور ضلعي جي اميدوارن لاءِ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ سينٽر اي (پراڻي بلڊنگ)، سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور سينٽر بي آءِ ٽي بلاڪ شاهه لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڪالرج شڪارپور، هائير سيڪنڊري اسڪول سٽي شڪارپور، قاضي حبيب الله هائير سيڪنڊري شڪارپور، گرلز ڪاليج شڪارپور، اي بي ڪي ڊي هائير سيڪنڊري اسڪول ڳڙهي ياسين، اي ڊي ڪي ڊگري ڪاليج سلطان ڪوٽ، هائير سيڪنڊري اسڪول خانپور، هائير سيڪنڊري اسڪول لکي، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول لکي، هائير سيڪنڊري اسڪول رڪ، هائير سيڪنڊري اسڪول جھل ڪلوڙي، هائير سيڪنڊري اسڪول چڪ، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول چڪ، هائير سيڪنڊري اسڪول رستم، ڊگري ڪاليج مدئجي ۽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ڊکڻ ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. جيڪب آباد ضلعي جي اميدوارن لاءِ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد، هائير سيڪنڊري اسڪول جيڪب آباد، اين حميده هاءِ اسڪول جيڪب آباد، گرلز ڪاليج جيڪب آباد، (ڪي جي) گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول جيڪب آباد، ڊگري ڪاليج ٺل، اي ايم ڪي ڪي اينڊ ايس آءِ ايس هائير سيڪنڊري اسڪول ٺل، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ٺل، هائير سيڪنڊري اسڪول مير پور ٻرڙو، ڊگري ڪاليج ڳڙهي حسن، هائير سيڪنڊري اسڪول ڳڙهي خيرو ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول محمد پور اوڍو ۾ سينٽر ٺاهيا ويا آهن. ڪشمور ضلعي جي اميدوارن لاءِ ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ سينٽر اي (پراڻي بلڊنگ) ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ سينٽر اي ( بي ايس سي بلاڪ)، هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنڌڪوٽ، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنڌڪوٽ، هائير سيڪنڊري اسڪول ڪشمور، هائير سيڪنڊري اسڪول بخشاپور، هائير سيڪنڊري اسڪول بڊاڻي، هائير سيڪنڊري اسڪول گڊو، واپڊا ڪاليج تنگواڻي، ڊگري ڪاليج ڪرم پور ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاھ ۽ ميهڙ تعلقن جي مختلف ادارن جي اميدوارن لاءِ ڊگري ڪاليج ميهڙ، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ميهڙ، ڊگري ڪاليج قاضي عارف، ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاھ، هائير سيڪنڊري اسڪول راڌڻ، ڊگري ڪاليج سيتا روڊ، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول سيتا روڊ، هائير سيڪنڊري اسڪول ٻيٽو ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول شاھ پنجو سلطان ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته مختلف ضلعن ۾ امتحانن جي جائزي لاءِ وجيلنس ٽيمون پڻ جوڙيون ويو آهن. ٻئي طرف ڪورونا جي هلندڙ لهر کي نظر ۾ رکندي اين سي او سي طرفان جاري ڪيل گائيڊ لائين تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
