اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيني انجنيئرن واري بس جي تباهي ۾ بارود جي استعمال جا ثبوت ملڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، ان واقعي جي جانچ ۾ چيني ماهرن جي ٽيم به شامل ٿي رهي آهي. هڪ ڏينهن اڳ اپر ڪوهستان ضلع ۾ داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيءَ جي بس کاهي ۾ ڪرڻ سبب 9 چيني انجنيئرن سميت 13 ماڻهو فوت ۽ 28 زخمي ٿيا هئا. ان سلسلي ۾ خميس ڏينهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته داسو واقعي جي ابتدائي جانچ ۾ تباهه ٿيل بس مان ڌماڪيدار مواد جا آثار ملڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، دهشتگردي جي امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي. پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان داسو واقعي جي جانچ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو پاڻ جائزو وٺي رهيو آهي.پاڪستان چيني سفارتخاني سان رابطي ۾ آهي، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن. ٻي پاسي پرڏيهي کاتي جي آفيس جي ترجمان چيو ته اپر ڪوهستان بس حادثي ۾ ڪنهن به قسم جي امڪان کي نظراندز نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته ان بابت جانچ ٿي رهي آهي. چين جي شهرين جي سيڪيورٽي هميشه پاڪستان جي اولين ترجيح رهي آهي، ترجمان هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ڀارت جي پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مالي معاونت جو معاملو عالمي سطح تي اُٿاريو آهي، اسان ماضيءَ ۾ به ان حوالي سان ناقابل ترديد شاهديون پيش ڪيون، جڏهن ته ڀارت دهشتگردي کي رياستي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. ڀارت طرفان جاسوس ڪبوترن بعد هاڻي ڊرونز جا الزام پاڪستان تي لڳايا پيا وڃن، ڀارت اهڙا غير سنجيده الزام لڳائي پاڻ پنهنجو مذاق اُڏائي رهيو آهي. هوڏانهن تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ موجود پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيني پرڏيهي وزير وانگ زي سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان واقعي جي هر طرح سان جانچ ٿيڻ جي پڪ ڏياري. شاهه محمود قريشي چيو ته بس واري واقعي جي جانچ ٿي رهي آهي، پاڪستان ۽ چين مضبوط ۽ پڪا دوست آهن، مختلف علائقائي توڙي عالمي معاملن تي پڻ ٻنهي جو موقف ساڳيو آهي. ان موقعي تي چيني پرڏيهي وزير چين واقعي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏيڻ جي گهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهو واقعو دهشتگردي آهي ته پوءِ پاڪستان کي گهرجي ته اهو ترت ئي ڏوهارين کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏي. ٻي پاسي بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان زائو ليجيان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بس واري واقعي جي جانچ لاءِ چين پنهنجي ٽيم پڻ موڪليندو. چين جانچ ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ گهري ٿو.
121