189

افغانستان ۾ ويڙهه ذريعي قبضي جي خلاف آهيون، امن ڪانفرنس ۾ طالبان کي دعوت نه ڏني آهي:پاڪستان

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن پاڙيسري ملڪن ۽ خطي لاءِ ضروري آهي. تاشقند ۾ ازبڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، ازبڪستان جي صدر ۽ مون گذريل ملاقات ۾ به واپاري لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون هيون، پاڙيسري ملڪن سان واپار ڪرڻ سان جي زندگي جو معيار بهتر ٿيندو آهي، پاڪ افغان ازبڪستان ريلوي منصوبي سان خطي ۾ انقلاب ايندو. هن چيو ته افغانستان ۾ امن پاڙيسري ملڪن ۽ خطي جي لاءِ ضروري آهي، اتي پرامن سياسي حل جا خواهشمند آهيون.هن وڌيڪ چيو ته ازبڪستان کي ڀارت تائين وڃڻ جي سهولت ڏينداسين، اها سهولت ڀارت سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿيڻ تي ڏينداسين، ازبڪستان کي افريڪا تائين پڻ پهچ ملي سگهي ٿي. ٻي پاسي اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري پنهنجي هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته افغانستان بابت ٻن ڏينهن جي امن ڪانفرنس 18 ۽ 19 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿي رهي آهي. ڪانفرنس ۾ افغان طالبان کي دعوت نه ڏني وئي، افغانستان ۾ ويڙهه ذريعي قبضو ڪرڻ جي خلاف آهيون، افغان قيادت پنهنجون توانائيون امن عمل کي اڳيان وڌائڻ ۾ استعمال ڪري. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان 18 ۽ 19 جولاءِ تي افغانستان بابت ٻن ڏينهن واري امن ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ افغان قيادت کي دعوت ڏني وئي آهي. پر طالبان کي دعوت نه ڏني وئي آهي. هن چيو ته 17 جولاءِ کان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان پهچڻ شروع ٿي ويندا. ان ڪانفرنس جي ملتوي ٿيڻ جا سوشل ميڊيا جا اطلاع بي بنياد آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ سيڪيورٽي خال کي دهشتگرد استعمال ڪري سگهن ٿا. ترجمان چيو ته اسان افغانستان ۾ ٿيندڙ تبديلين جو ويجهڙائيءَ کان جائزو وٺي رهيا آهيون، اسان افغانستان ۾ ويڙه ذريعي قبضو ڪرڻ جي خلاف آهيون. پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ افغان تڪرار جو پُرامن حل چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته افغان معاملي جو حل ويڙهه ذريعي نه ٿو نڪري سگهي. ترجمان چيو ته افغان قيادت لاءِ ضروري آهي ته اها پنهنجون سموريون توانائيون افغان امن عمل کي اڳيان وڌائڻ ۾ استعمال ڪري، افغانستان جي ڌرتي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته خطي جي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ علائقائي استحڪام ضروري آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ترڪي طرفان افغانستان ۾ امن جي قدمن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو